” گهر هلائڻ مشڪل ٿي پيو“ قمبر ۾ پورهيتن جو مهانگائي خلاف احتجاج

قمبر(رپورٽ: محمود شيخ) قمبر ۾ هوٽل مزدورن ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙن ۽  ريڙهي وارن پورهيتن پاران مهانگائي خلاف پريس ڪلب روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائرن کي باهيون ڏئي سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي تي مزدورن طالب حسين سومرو،مشتاق شابراڻي، لالا واجد گوپانگ ۽ ٻين چيو ته مهانگائي سبب گهر جو گذران تمام ڏکيو ٿي پيو آهي پنج ڇهه سو ڏهاڙي مان ٻچن کي ٻن ويلن جي ماني کارائڻ لاءِ پريشان آهيون حڪمرانن جي غلط پاليسين ۽ عياشي سبب مهانگائي چوٽ چڙهي وئي آهي جڏهن ته حڪومت طرفان پورهيت مسڪين لاءِ ڪي به سهولتون موجود نه آهن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.