سنڌ ۾ مهانگائي خلاف احتجاج جو سلسلو زور پڪڙي ويو، غريب طبقو بي حال

ڪراچي/سکر/حيدرآباد(نمائندا) سنڌ ۾ مهانگائي خلاف مختلف پارٽين پاران احتجاج جو سلسلو جاري،  ايس يو پي جي مرڪزي سڏ تي ڪارڪنن پيٽرول ڊيزل بجلي جي اگھن ۾ واڌ ۽ سنڌ ۾ پاڻي جيکوٽ خلاف دوڙ ۾ ڪارڪنن ڊاڪٽر مجاهد رستماڻي امان ﷲ سنڌي جي اڳواڻي ۾ ڳچيء ۾ ماني ٻڌي وڏي ريلي ڪڍي پريس ڪلب دوڙ اڳيان انوکو احتجاجي مظاھرو ڪري نعريبازي ڪئي ان موقعي تي ايس يو پي اڳواڻن ڊاڪٽر مجاهد رستماڻي امان ﷲ سنڌي نور بروهي شمس کوسو جسقم اڳواڻ سعيد احمد خاصخيلي شهرين رحيم بروهي اڪبر بلوچ ۽ ٻين چيو ته  عمران حڪومت جي مھانگائي خلاف واويلا ڪندڙن پاڻ گڏجي عوام مٿان مهانگائي جو بم ڪرايو آهي هوڏانهن سنڌ سرتيون آرگنائيزيشن پاران ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي زينت سنڌي، اعجاز سومرو، امداد پنهور، زاهده ڏاهري، نظير چانڊيو ۽ ٻين چيو ته حڪمران ملڪ جي عوام کي رليف ڏيڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪا آهن، حڪمرانن جي معاشي پاليسي غريب عوام کان ٻن ويلن جي ماني کسي ورتي آهي، ڪوٽڙي ۾ ڪميونسٽ پارٽي پاڪستان ضلعي ڄامشورو طرفان صوبائي سيڪريٽري سنڌ ڪامريڊ اقبال، ذوالفقار رستماڻي، وڪيل سعيد جانوري، مصري جمالي ،ذوالفقار قادري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سيشن ڪورٽ کان ريلي ڪڍي ڄامشورو پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو ،لاڙڪاڻي ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي طرفان مرڪزي سڏ تي سنڌ اندر پاڻي جي هٿرادو کوٽ ۽ پيٽرول، ڊيزل سميت کاڌي پيتي جي شين جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ خلاف ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي ضلعي صدر ڊاڪٽر مظهر مغل، لياقت پنهور، فتاح جانوري، صدر ڀٽي، غلام رسول شيخ، قمبر مغل، منظور شيخ ۽ ٻين چيو ته موجوده وفاقي حڪومت هڪ هفتي ۾ پيٽرول 60 روپيا مهانگو ڪري عوام جي چيل چٻي ڪري ڇڏي آهي، موري ۾ ايس يو پي  مرڪزي اڳواڻ ڄام اسلم ڪوريجو محمد ياسين سومرو لال شاھد پٺاڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  پريس ڪلب آڏو لڳل احتجاجي ڪئمپ ۾ مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن مورو عوام دوست اتحاد جي ڪامريڊ سڪندر خان ڪورائي، جسقم جي جگديش ڪمار قومي عوامي تحريڪ جي غلام نبي لاکو، جسم جي ابرار مورائي، ايس ٽي پي جي عزيز ڪورائي، شهيد ڀٽو جي راشد ڪلهوڙو، اين پي پي جي غلام مصطفيٰ سيال عوامي تحريڪ جي غلام فريد ڪلهوڙو حسن عباس ڪلهوڙو سنڌ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي جي اصحاب چانڊيو پرويز سنڌي پي ٽي آء جي ممتاز سولنگي عوامي راڄ تحريڪ جي مجيب رحمان ڪوريجو عبدالفتاح ڏاھري محمد علي سولنگي صمد ڀٽي فضل ٻرڙو امير ڏيپر ممتاز ڪوريجو سرمد ڏيپر آسي لغاري انور ڪورائي امتياز ڏاھري اويس رستماڻي برڪت کوکر احمد خان سومرو سميت سوين شهرين پڻ شرڪت ڪئي ،لاڙڪاڻي ۾ ٽيڪسي ڊرائيورن پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي پورهيت اڳواڻن هادي بخش جتوئي، غلام نبي جاگيراڻي، اعجاز لاشاري ۽ ٻين مطالبو ڪيو ته خدارا تيل جي اگهن ۾ گهٽتائي آڻي غريب مسڪينن کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي،مٺي ۾ قومي عوامي تحريڪ جي ضلعي صدر زاھد گل اوٺو،سريش پرمار،شاهنواز هنڱورجو،دانش پرمار،پرشوتم پرمار،سبحان بجير ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مٺي شهر ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ ۽ مهنگائي خلاف مائي ڀاڳي چوڪ کان ڪشمير چوڪ تي اچي نٽهڻ اُس ۾   ٻه ڪلاڪ ڌرڻو هنيو ويو،ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته مٺي شهر ۾ مٺو پاڻي اڻلڀ آهي،ماڻهو اڃ مري رهيا آهن،شهر لاءِ اسٽور ٿيل پاڻي پبلڪ هيلٿ انتظاميه ڪري وڪرو ڪري پئي،مفت جي پاڻي کي ڪاروبار بڻايو ويو آهي، هوڏانهن  عوامي راج تحريڪ نواب شاهه پاران عامر ڀنگوار، ظھير بھراڻي، وقاص انصاري، محبت زرداري، نعيم انصاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نوابشاھ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو ، پڊعيدن ۾ پ پ پ شهيد ڀٽو پاران مهانگائي خلاف نصرت ڪئنال پل کان نيشنل پريس ڪلب پڊعيدن تائين محمد سچل راڄپر, ساجد حسين راڄپر, عبدالحق پلھ ۽ غلام عباس لاشاري عطاالله راڄپر امداد مغل شيرو ڀٽي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، سڪرنڊ ۾ ايس يو پي تعلقي سڪرنڊ جي صدر شهمير جمالي، قاسم سومرو ، ياسين ملاح ، محمد خان گدارو ، شوڪت ميمڻ ، بچل ڏهيو ، قربان مگسي ، دوست علي ڪيريو ، شاعر قلندر بخش ملاح ، جاويد خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ سخت احتجاج ڪيو ويو. ان موقعي تي مٿين اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آهي. جڏهن ته فصل سڪي رهيا آهن نئين آيل حڪومت بجائي بهتري آڻڻ جي پاڻ تمام گهڻي مهانگائي ڪري ڇڏي آهي. شھدادڪوٽ ۾ سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي ڪارڪنن ٻي ڏينهن به ملڪ ۾ وڌندڙ مھانگائي خلاف سخت گرمي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي ڪوٽو موٽو چوڪ تي 2 ڪلاڪ نٽھڻ اس ۾ ڌرڻو ھنيو جتي ڪارڪنن وفاقي حڪومت خلاف سخت نعري بازي پڻ ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن آصف مگسي,الله داد خشڪ,آصف لاشاري ۽ ٻين خطاب ڪيو، ٽنڊو محمد خان ۾ سول سوسائٽي ۽ سياسي پارٽين جي ڪارڪنن سيد امتياز شاھ ، شمائل اڪرم ، ملڪ رحمان ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اسٽيشن روڊ کان احتجاجي جلوس ڪڍي پريس ڪلب آڏو مظاهري کان پوءِ ڌرڻو هنيو ، اڳواڻن چيو ته وزيراعطم پاڪستان شهباز شريف اقتدار ۾ عوام کي رليف ڏيارڻ لاءِ پنهنجا ڪپڙا وڪڻي تيل جا اگھهنه وڌائڻ جا اعلان ڪري عوام کي هڪ هفتي ۾ 60 روپيه تيل جي قيمتن ۾ اضافي جو تحفو ڏيئي عوام جي اميدن جو قتل عام ڪيو آهي ، جنهن جي ڪري وزيراعظم پاڪستان شهباز شريف کي فوري طور پنهنجي وزارت عظمى تان استعيفى ڏيڻ گهرجي ، ڪنڌڪوٽ ۾ ايس يو پي پاران دلمراد ڏاهاڻي،ظريت بجاراڻي،شاهنواز مرهيٽو،الطاف بنگوار،فضل سبزوئي جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، قمبر ۾ ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي خلاف پ پ شھيد ڀٽو ۽ شھرين طرفان احتجاجي مظاهرو ڪري مختيارڪار آفيس روڊ تي ٽائرن کي باھيون ڌرڻو هڻي روڊ بند ڪري ڇڏيو ان موقعي تي نواب الدين چانڊيو واجد گوپانگ شوڪت چانڊيو ۽ ٻين چيف جسٽس آف پاڪستان کان مطالبو ڪيو ته عام واهپي وارين شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي آڻي پريشانين کان بچايو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.