اسٽيبلشمينٽ جي ” جاگ “ برانچ سرگرم، عمران جي گرفتاري جو امڪان

لاهور (عوامي آواز نيوز) بابر اعواڻ ايڊووڪيٽ جيڪو خدشو ظاهر ڪيو آهي ته ايندڙ 48 ڪلاڪ اهم آهن، ڇو ته عمران خان جي قتل جو خدشو آهي، ان حوالي سان نامياري صحافي عمران شفقت جو چوڻ آهي ته اصل ۾ خبر اها آهي ته اسٽيبلشمينٽ جي جج ايڊووڪيٽ برانچ ۾ عمران خان جي تقريرن  ۽ پارٽي ميٽنگن ۾ ٿيل فيصلن جو سنجيدگي سان جائزو وٺڻ  شروع ڪري ڏنو آهي ته ڇا عمران خان خلاف بغاوت جو ڪيس داخل ڪري سگهجي ٿو، اهڙي کڙڪ عمران خان کي به پئجي وئي آهي. جنهن جو هو اظهار به ڪري رهيو آهي، ان بعد دٻاءَ جي هٿيار طور قتل جو شوشو ڇڏيو ويو آهي. ڇو ته ان ئي جج ايڊووڪيٽ جنرل برانچ ايمان مزاري خلاف به ڪيس داخل ڪيو آهي، هوڏانهن حڪومت به ٻه طرفا ثبوت گڏ ڪرڻ شروع ڪيا آهن. هڪ ته فرح  گوگي گينگ منظر تي اچي چڪي آهي ۽ جاچ به شروع ٿي وئي آهي پر معلوم ٿيو آهي ته هڪ ٻي  گينگ به ملوث آهي، جن جي رهائش پنڊي رنگ روڊ ۾ آهي ان بابت به ثبوت گڏ ڪيا پيا وڃن. جڏهن ته  اتحادين جا انتهائي سنجيدا ۽ ذهين ماڻهو اهو ڄاڻڻ جي جستجو ۾ لڳي ويا آهن ته اهو پتو لڳايو وڃي ته سسٽم مان ڪهڙيون ڌريون عمران خان جي غير مشروط مدد ڪري رهيون آهن. انهن بابت مستند شاهديون ۽ ثبوت هٿ  ڪري انهن آڏو رکيا وڃن ۽ کين ائين ڪرڻ کان روڪيو وڃي ٻي صورت ۾ ثبوت ۽ شاهديون  عوام آڏو  آنديون وڃن ان سلسلي ۾ قانون واري اداري کي به ذهن ۾ رکيو ويو آهي، ان ڪري اهي امڪان آهن ته ايندڙ 10 کان 15 ڏينهن ۾ يا اڃان به اڳ عمران خان گرفتار ٿي سگهي ٿو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.