بحريا ، فورس جا بيس ۽ ٻيون رٿائون رد، ڪوڙا ڊوميسائل جاري ڪندڙن کي به سزا ڏيو:ساڃاهه وند

ڪراچي( رپورٽ: شفقت نوناري)  سنڌي ٻوليءَ جي ماهرن سنڌي ٻوليءَ جي بقا، ترقيءَ ۽ واڌاري لاءِ سنڌي ٻوليءَ کي مارڪيٽ جي ٻولي بڻائڻ، معياري علم جي تخليق، ڊجيٽل دنيا مان لاڀ حاصل ڪرڻ ۽ تعليمي ماهرن ۽ سرڪاري ادارن تي ٻڌل ڪميشن قائم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي اهڙن خيالن جو اظهار ٻوليءَ جي ماهرن پاڪستان آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئيشن جي خدمتن جا 50 سال پورا ٿيڻ تي ملهائيجندڙ گولڊن جوبلي جي تقريبن ۾ سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي ادب جي مستقبل جي عنوان هيٺ ٿيل ويهڪ کي خطاب ڪندي ڪيو . تقريب کي خطاب ڪندي نامياري ليکڪ جامي چانڊيو چيو آهي ته هڪ تاريخي الميو رهيو آهي ته سومرن جي دور ۾ دفتري ٻولي عربي رهي ارغونن، ترخانن کان ويندي ميرن جي دور ۾ سنڌ جي دفتري ٻولي فارسي رهي صرف انگريزن جي دور ۾ دفتري ٻولي سنڌي هئي پر پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ اها سهولت به ناهي رهي هن چيو ته ماضي ۾ شاعرن ۽ ڪلاڪارن سنڌي ٻوليءَ کي بچايو پر ايڪويهين صدي ۾ رڳو معياري علم جي تخليق ئي سنڌي ٻوليءَ کي بچائي سگهندي. جامي چانڊيو چيو ته ميڊيا ادارن کي ٻوليءَ جو معيار بهتر بڻائڻ لاءِ لينگئيج ايڊيٽر مقرر ڪرڻ گهرجن هن چيو ته شهرن جي ڀيٽ ۾ ڳوٺن ۾ سنڌي ٻوليءَ جون پاڙون وڌيڪ سگهاريون آهن هن چيو ته ڏک جي ڳالهه اها آهي ته   سنڌ ۾ وچولي طبقي جو نئون نسل به سنڌي ٻولي نه ٿو ڳالهائي. جامي چانڊيو وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ سڀني سرڪاري ۽ خانگي ادارن ۾ سنڌي لازمي طور متعارف ڪرائڻ ضروري آهي ڊاڪٽر غفور ميمڻ چيو ته هن وقت دنيا ۾ اٽڪل 573 ٻوليون عوامي ٻوليون نه هئڻ سبب پنهنجو وجود وڃائي رهيون آهن هن چيو ته سنڌي ٻوليءَ کي مارڪيٽ جي ٻولي بڻائڻ سان ٻولي کي محفوظ بڻائي سگهجي ٿو. هن چيو ته هن وقت گلشن حديد، سچل ڳوٺ ۽ ٻين علائقن ۾ قائم سرڪاري اسڪولن ۾ سنڌي نه ٿي پڙهائي وڃي جيڪا هڪ خطرناڪ ڳالهه آهي. ڊاڪٽر مظهر علي چيو ته ڊجيٽل دنيا ۾ سنڌي ٻوليءَ جو استعمال وڌي رهيو آهي جيڪا هڪ تمام وڏي ڳالهه آهي هن چيو ته سنڌي لغتن جو معيار بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي خاص مهمان جي حيثيت ۾ ڳالهائيندي پورهئي واري کاتي جي صوبائي وزير سعيد غني چيو ته وڌيڪ ٻوليون سکڻ ڪاميابي جو اهڃاڻ آهي هن چيو ته محبت ۽ ڀائيچاري سان ٻين ٻولين جي ماڻهن کي سنڌي سکڻ ۽ ڳالهائڻ تي مائل ڪري سگهجي ٿو هن چيو ته سنڌي کي مارڪيٽ جي ٻولي سرڪار ۽ عوام کي گڏيل ڪوششون ڪرڻيون پونديون هن وڌيڪ چيو ته اڄڪلهه ڪاروباري مقصد لاءِ نوجوان چيني ۽ ترڪي ٻولي سکي رهيا آهن .هن چيو ته سنڌ حڪومت خانگي اسڪولن ۾ سنڌي مضمون لازمي طور پڙهائڻ لاءِ ڪوششون وٺندي.سگا جي چيئرپرسن مهتاب اڪبر راشدي چيو ته اڄوڪي ويهڪ ۾ سنڌي ٻولي جي بقا ۽ واڌاري لاءِ جيڪي نظريا پيش ڪيا ويا آهن سي اسان جون اکيون ۽ دماغ کولڻ لاءِ ڪافي آهن ۽ انهن کي آڏو رکندي ٺهراءَ پيش ڪيا ويندا .   هن اعلان ڪيو ته اڄوڪي ويهڪ ۾ پيش ٿيل نظرين تي عمل ڪرڻ لاءِ سڀني واسطيدار ڌرين جو سهڪار ۽ رهنمائي حاصل ڪئي. ڊاڪٽر  اسحاق سميجو چيو ته سنڌي ڊرامو انتهائي غير معياري آهي. هن چيو ته سنڌي ادب ورجاءُ سبب متاثر ٿيو آهي. ڊاڪٽر شير مهراڻي چيو ته سنڌي ادب هن وقت طوفاني موڙ تي بيٺل آهي ۽ ٻولين جي سڃاڻپ هڪ بحراني صورت اختيار ڪري چڪي آهي. شبنم گل چيو ته عظيم ادب اهو آهي ته جيڪو پنهنجي دور جو حقيقي دستاويز آهي.  ويهڪ ۾ ڊاڪٽر ڦلو ميگهواڙ، مخمور بخاري، ڊاڪٽر مبارڪ لاشاري جن پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو.ٺهراءُ بحال ڪندي مطالبا ڪيا ويا ته جلد سنڌي ٻوليءَ کي دفتري ٻوليءَ طور استعمال ڪري. ان آرڊيننس جي ٻين انهن تي عمل ڪيو. سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي قرار ڏنو وڃي. سنڌ سرڪار کان گهر ڪجي ٿي ته اسڪولن، ڪاليجن، يونيورسٽين ۾ معياري تعليم ڏيارڻ کي يقيني بنائڻ لاءِ جوڳا اُپاءَ ورتا وڃن. ۽ ڪاپي ڪلچر جي خاتمي لاءِ عملي انتظام ڪيو وڃي.  غير سنڌين جا ڊوميسائل ۽ ڪوڙا شناختي ڪارڊ جاري ڪرڻ بند ڪيا وڃن ۽ جاري ڪيل اهڙا ڪوڙا ڪارڊ ۽ ڊوميسائيل رد ڪيا وڃن ڪوڙا ڊوميسائيل ۽ ڪوڙا شناختي ڪارڊ جاري ڪندڙ آفيسر تي جوڳا قدم کنيا وڃن. سنڌ کي سنڌو درياء مان پنهنجي پاڻي جو پورو حصو نه ٿو ڏنو وڃي. سنڌ ۾ افغاني، برمي، سلوني ۽ ٻين ملڪن کان ماڻهو وڏي تعداد ۾ اچي رهيا آهن انهن ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين شهرن آباد ڪيو پيو سنڌ ۾ ڌارين ماڻهن جي پابندي لاءِ اثرائتا اپاءُ وٺي ته جيئن سنڌي ماڻهن کي پنهنجي روزگار لاءِ وجهائڻو نه پوي. سنڌ جي وحدت ۽ مفاد لاءِ ڪنهن به ٿيندڙ فيصلن لاءِ سنڌي عوام جي راءِ ضرور شامل ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ اهڙا فيصلا سنڌ جو عوام ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندو. ذوالفقار آباد، بحريا ٽائون، ڊي.ايڇ.اي سٽي، ڪمانڊر سٽي، سيون ونڊرس، اي.ايس.ايف سٽي، پي.ايف سٽي ۽ سپر هاءِ وي ۽ قومي شاهراهن تي زمينون ڏئي ڌارين کي آباد ڪيو پيو وڃي. ان کان سواءِ ايئرفورس بيس کي ڏيڍ لک ايڪڙ زمين ڏئي سنڌين کي بي زمين بنايو ان کي ترت بند ڪيو وڃي. 03.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.