آءِ جي سنڌ پاران چيني شهرين جي سيڪيورٽي لاءِ غير معمولي قدم کڻڻ جي هدايت

ڪراچي(رپورٽر)  آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي صدارت ۾ سينٽرل پوليس آفيس ۾ هڪ اجلاس منعقد ڪيو ويو. اجلاس ۾ سنڌ ۾ جاري سي پيڪ ۽ نان سي پيڪ منصوبن سميت ٻين پرائيويٽ منصوبن سان جڙيل چيني شهرين جي سيڪيورٽي معاملن ۽ قدمن جو خصوصي حوالن سان جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي آءِ جي سنڌ هدايتون جاري ڪيون ته صوبائي سطح تي اهڙن سمورن منصوبن جون فهرستون جوڙيون وڃن ۽ جن منصوبن ۾ چيني شهري ڪم ڪري رهيا آهن، اتي سيڪيورٽي جا غير معمولي قدم کنيا وڃن ۽ اسپيشل برانچ انهن قدمن تي عمل کي يقيني بڻائي. اجلاس ۾ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي، ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي، ڊي آءِ جي هيڊ ڪوارٽرز سنڌ ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.