رسول بخش پليجي جي چوٿين ورسي سڀاڻي ملهائي ويندي

حيدرآباد (پ ر) ناليواري قانوندان، اديب، دانشور، محقيق، زندانن جي فاتح، لطيف جي پارکو، سنڌ جي وڪيل، مظلوم قومن ۽ طبقن جي اڳواڻ عوامي تحريڪ جي سربراهه رسول بخش پليجي جي چوٿين ورسي سڀاڻي شام پنج وڳي منگر خان پليجو جنگشاهي ۾ شاندار نموني ملهائي ويندي. ورسي جو سموريون تياريون ڪيون ويون آهن. جلسه عام ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ سنڌ يونائٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاهه، نيشنل پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر مالڪ بلوچ، پاڪستان سرائيڪي پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر نخبه تاج لانگها، پختون خواه ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي، عوامي جمهوري پارٽي جي صدر ايڊووڪيٽ لال شاهه، جيئي سنڌ محاذ جي سربراهه خالق جوڻيجو، ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي سربراهه ڪامريڊ امداد قاضي، عام لوگ اتحاد پارٽي جي سربراهه جسٽس وجيهه الدين احمد، عوامي ورڪرز پارٽي جي اڳواڻ ڪامريڊ عاليه بخشل، نالي واري آرٽسٽ شيمه ڪرماني، اي اين پي سنڌ جي صدر شاهي سيد، خواجه غلام فريد ڪوريجو، استقلال پارٽي جي سربراهه ايڊووڪيٽ منظور گيلاني، پاڪستان قومي محاذ آزادي جي مرڪزي آرگنائيزر اظهر جميل، قومپرست اڳواڻ الاهي بخش بڪڪ، پائلر جي سربراهه ڪرامت علي، پتڻ جي سربراهه سماجي شخصيت سرور باري،مزدور اڳواڻ لطيف انصاري، رواداري تحريڪ جي سربراهه سيمسن سلامت، لطيف آفريدي، امر جليل، امينه زمان، پروفيسر عزيز الدين احمد، شازيه خان، نگهت سعيد_ بني، خدا ڏنو شاهه،گل حسن ڪلمتي، ميڊم ممتاز ڀٽو، ڊاڪٽربختاور ڄام، سليمان جي ابڙو، سرتيون رسالي جي ايڊيٽر گل بدن جاويد، يوسف شاهين، پروفيسر مشتاق ميراڻي، حقوقِ خلق پارٽي جي اڳواڻ فاروق طارق، صحافي وسعت الله خان، مجاهد بريلوي،  سحر امداد، امداد حسيني، نذير ناز، مير حسن آريسر، محمد تحسين، ناليواري قانوندان چوڌهري اڪرام، اسلم رسول پوري، ايڊووڪيٽ مسعود نوراني، صحافي نظير لغاري، جامي چانڊيو، دستگير ڀٽي، پاڻي ماهر حسن عباس، گوهر نظاماڻي شاعر، مير محمد نظاماڻي شاعر، اشرف چانڊيو شاعر، حافظ نظاماڻي شاعر، مهتاب محبوب، انيس هارون، ارم محبوب، ماهين هيسباڻي، ڊاڪٽر پارس نواز گانگهرو، ۽ ٻين سياسي، سماجي، علمي ۽ ادبي شخصيتن کي دعوتون ڏنيون ويون آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.