قومي عوامي تحريڪ پاران پليجي جي ورسي جون تياريون

حيدرآباد (پ ر)  قومي عوامي تحريڪ ترجمان اشرف پليجي پنهنجي پريس پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته  سڀاڻي قومي عوامي تحريڪ پاران سڄي سنڌ ۾ عظيم مفڪر، ڏاھي، دانشور، ليکڪ، قانوندان، چوٽي جي مقرر، سياستدان ۽ استاد رسول بخش پليجي چوٿين ورسي  ملهائي ڀيٽا پيش ڪئي ويندي ترجمان اشرف پليجي چيو ته  رسول بخش پليجي وڏيرڪي، جاگيردار، سرداري ۽ ڪرپٽ سماج جي گھاڻي ۾ پيڙھجندڙ طبقن کي طاقتور بنايو۔ھن عورتن، ھارين، مزدورن ۽ ٻارن کي تحريڪن جو اڳواڻ بنايو  رسول بخش پليجو ڪرپشن، آمريت، انتھاپسندي ۽ عوام دشمن جاگيرداري ۽ سرمائيداري ظلم خلاف جنگ جو نالو آھي رسول بخش پليجي سنڌ جي عوام کي وقار سان جيئڻ سيکاريو،ھارين مزدون ۽ عورتن کي جدوجھد ذريعي سنڌ جو حقيقي محافظ بنايو  رسول پليجو اھا يونيورسٽي ھو، جنھن سنڌ جي عوام کي عالمي ادب، ترقي پسندي، روشن خيالي، انسان دوستي، مظلوميت جو طرفدار، انتھاپسندي، ڪرپشن خلاف ۽ رات جي رھزنن سان وڙھڻ سيکاريو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.