ٽنڊوبهاول سانحو فوج لاءِ شرمساري واقعو، مائي جندو جي جدوجهد مزاحمت کي جلا بخشي

ڪراچي(م ڊ)بي بي سي موجب  5جون 1992ع جي رات سنڌ ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن شروع ٿئي رڳو هڪ هفتو ئي گذريو هو ته اتي مقرر ميجر ارشد جميل اعواڻ جي سربراهي ۾ هڪ جٿي دعويٰ ڪئي ته فوج سان مقابلي ۾ 9 ڌاڙيل مارجي ويا، فوج اها به دعويٰ ڪئي ته مارجي ويل ڏوهارين جا ”را“ سان به رابطا هئا ۽ انهن وٽان وڏي مقدار ۾ جديد هٿيار هٿ ڪيا ويا، فوجي آفيسر جي دعويٰ تي خبر شهري علائقن ۾ شايع ٿيندڙ اخبارن ۾ ڇپجڻ کانپوءِ وزيراعظم نوازشريف ۽ آرمي چيف جنرل آصف نواز ٻئي سنڌودرياءُ جي ان ڪناري پهتا جتي فوج مقابلي جي دعويٰ ڪئي هئي، آءِ ايس پي آر جو ان وقت سنڌ ۾ نگران برگيڊيئر(ر) صولت رضا به وزيراعظم ۽ آرمي چيف سان گڏ ٽنڊوبهاول ويو هو، هن ٻڌيو ته مون ئي ڪور ڪيو هو، اتي ڌاڙيلن کان هٿ آيل هٿيار به ڏيکاريا ويا، صحافي ناز سهتو چيو ته ٽي چار ڏينهن ته شهري علائقن جي وڏين اخبارن ۾ ان مقابلي جو هُل هليو پوءِ مقامي صحافين آخرڪار اصل حقيقتن جو پردو چاڪ ڪيو، هن چيو ته تڏهن چانڊيو برادري سان تعلق رکندڙ مائي جندو جي خاندان تي ٽٽندڙ قيامت جي خبر پئي، ان زماني جي انگريزي ۽ اردو اخبارن ۽ هاڻي انٽرنيٽ تي دستياب معلومات موجب ميجر ارشد جميل اعواڻ جا ڪجهه ويجها ساٿي اصل ۾ مائي جندو جي خاندان جي ملڪيتي زمين تي قبضو ڪرڻ چاهين پيا ۽ انهن ان سلسلي ۾ ميجر ارشد جميل کان ” مدد“ گهري هئي، جاچ مطابق 5 جون جي رات ميجر ارشد پنهنجي 15 رڪني جٿي سان گڏ مائي جندو جي گهر ۾ گهڙي پيو اتي موجود 9 ماڻهن کي بندوق جي زور تي اغوا ڪري ورتو، انهن ۾ مائي جندو جا ٻه پٽ بهادر، منٺار ۽ هڪ نياڻو حاجي اڪرم به شامل هئا، پوءِ ميجر ارشد کين درياءَ جي ڪناري پهچائي قطار۾ بيهاري گولي هڻي ڇڏيون، پوءِ خبر پئي ته اصل ۾ ڇا ٿيو آهي، اهي حقيقتون پهرين مقامي سنڌي اخبارن پوءِ اردو ۽ انگريزي جي قومي ۽ آخرڪار عالمي ميڊيا ۾ شايع ٿيون ته ” ٽنڊو بهاول سانحو“ اهڙو قومي شرمندگي جو سبب بڻيو جنهن جو اعتراف ان وقت جي وزيراعظم نوازشريف ۽ آرمي چيف جنرل آصف نواز کي اعلانيل طور تي ڪرڻو پيو، ان شرمساري ۾ فوج جي صوبائي قيادت تائين اعليٰ آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي، برگيڊيئر (ر) صولت رضا مطابق جي او سي حيدرآباد ميجر جنرل سليم الحق ۽ ان جي نائب برگيڊيئر کي عهدن تان هٽايو ويو، اخبارن مطابق ميجر ارشد جميل اعواڻ کي فوج مان برطرف ڪري ۽ هن کي جٿي جي ميمبرن سميت گرفتار ڪيو ويو ، ناز سهتو مطابق مائي جندو ۽ هن جي خاندان کي ٺاهه جي بدلي وڏي زرعي زمين جي به آڇ ٿي پر هن انصاف جي حصول کي ترجيح ڏني، ميجر ارشد کي ڦاهي جي سزا ته ٻڌائي وئي پر مائي جندو ۽ هن جي خاندان لاءِ انصاف جو حصول هرگز آسان نه هو، چئن سالن تائين ڪيس فوجي ۽ ٻين ملڪي عدالتن ۾ روايتي دير جو شڪار ٿيو، مائي جندو کي قاتلن کي سزا ڏيارڻ ۽ هڪ کي ڦاهي گهاٽ تائين پهچائڻ لاءِ ٻن وڌيڪ جانين جو نذرانو ڏيڻو پيو، سيپٽمبر 1996ع ۾ مائي جندو جي ٻن نياڻين حاڪم زادي ۽ زيب النساءِ اعلان ڪيو ته جيڪڏهن انهن جي ڀائرن ۽ مڙس جي قاتلن کي ڦاهي جي سزا تي عمل نه ٿيو ته هو حيدرآباد ۾ عدالت آڏو پاڻ ساڙينديون بعد ۾ ٻنهي نارين پاڻ کي باهه ڏئي ڇڏي، جن ڪراچي اسپتال ۾ دم ڏنو، آخرڪار 28 آڪٽوبر 1996ع تي ميجر ارشد کي حيدرآباد جي سينٽرل جيل ۾ ڦاهي جي سزا ڏني وئي پر واقعي جي ٻين جوابدارن کي موت جي سزا نه ڏني وئي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.