وزيراعظم جي وارننگ نه هلي، سنڌ سميت ملڪ ۾ 18 ڪلاڪن تائين لوڊشيڊنگ

ڪراچي/ اسلام آباد( رپورٽر/م ڊ) وزيراعظم جي نوٽيس باوجود بجلي لوڊشيڊنگ ختم نه ٿي، سنڌ سميت ملڪ ۾ شهري توڙي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ لوڊشيڊنگ جاري آهي. ڪراچي جي  صدر، ڪورنگي، لانڍي، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال، لياري ۽ ٻين علائقن ۾ 10 کان 16 ڪلاڪن تائين بجلي غائب رھڻ لڳي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، سانگهڙ، ٿرپارڪر ۽ ٻين شهرن ۾ اڻ اعلانيل لوشيڊنگ جاري آهي.  ٻهراڙي ۾ 18 کان 20 ڪلاڪن تائين بجلي جي بندش شهرين جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آھي، شھرين موجب ھڪ ته مھانگائي وڌي وئي آھي، سڄو ڏينھن محنت مزدوري ڪري گھر اچ ته سڄي سڄي رات بجلي ڪونھي. پنجاب ۾ به 8 کان 14 ڪلاڪن تائين لوڊشيڊنگ جاري آهي. لاهور ۾ به 8 ڪلاڪن تائين لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي. اين ٽي ڊي سي ذريعن موجب بجلي پيداوار 20 هزار ميگاواٽ آهي ۽ بجلي جي گهرج 27300 ميگاواٽ آهي. ملڪ ۾ 7300 ميگاواٽ بجلي کوٽ آهي. ٻئي طرف ڊسٽري بيوشن ڪمپنين توانائي وزارت کي لوڊشيڊنگ جو ذميوار قرار ڏنو آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.