ڄامشورو: ساس پاران اديب، ليکڪ ۽ قومپرست اڳواڻ روشن جويو جي ورسي ملهائي وئي

ڄامشوري ۾ سنڌ ادبي سنگت پاران ناليواري اديب، ليکڪ ۽ قومپرست روشن جويو جي 9 ورسي ملهائي وئي.

روشن جويو جي 9 ورسي جي حوالي سان سنڌي ادبي سنگت ڄامشور ڦاٽڪ شاخ پاران تقريب ڪوٺائي، جنهن ۾ ناليواري اديب، دانشور تاج جويو سميت شاعرن، اديبن، سگھڙن ۽ مختلف مڪتب فڪر سان واسطو رکندڙ ماڻهن شرڪت ڪئي.

تقريب ۾ مقررن روشن جويو کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته روشن علي جويو گھڻ رخي شخصيت هو جنهن سڄي ڄمار سنڌ جي خوشحالي ۽ پنهنجي ماروئڙن جي ترقي لاءِ پاڻ پتوڙيو.

مقرر وڌيڪ چيو ته روشن جويو نوجوانن ۽ شاگردن کي جديد قومپرستي بابت ڄاڻ ڏيڻ لاءِ اسٽڊي سرڪل هلايا، سندس خدمتون سدائين ياد رهنديون

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.