ڏهرڪي ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن جو تعلقي ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاج

ڏهرڪي ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن پاران تعلقي ۾ زرعي پاڻي نه ملڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو.

ڪارڪنن پي ٽي آءِ ڏهرڪي تعلقي جي صدر ثناءُ الله شر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته جون مهينو ٿي ويو آهي پر اڃان تائين ڏهرڪي تعلقي جي شاخن ۽ واهن ۾ زرعي پاڻي ناهي پهتو جنهن ڪري هن وقت تائين ڦٽين ۽ ساريالي فصل جو ٻيجارو به ناهي پوکجي سگھيو.

سندن چوڻ هو ته پاڻي نه ملڻ ڪري آبادگار ۽ هاري طبقو سخت پريشان آهي، بنا دير پاڻي ڏئي ڏهرڪي تعلقي کي امڪاني زرعي تباهي کان بچايو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.