ڄامشوري ۾ اڻڄاتل هٿياربند جي دڪاندار کان لکين رپيا ڦر، احتجاج

ڄامشوري ۾ اڻڄاتل هٿياربند دڪاندار کان لکين رپيا ڦري ويا، جنهن خلاف دڪاندارن ۽ واپارين پاران احتجاج ڪيو ويو.

شهر جي سينڊوز روڊ تي قائم هول سيل جي دڪان تي ٽن اڻڄاتل هٿياربندن ڪاهه ڪري دڪان مالڪ عمران ملاح ۽ عملي کي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي لکين رپيا ڦري فرار ٿي ويا.

واردات جي اطلاع کانپوءِ دڪاندارن ۽ واپارين پريس ڪلب اڳيان گڏ ٿي احتجاجي مظاهرو ڪري پوليس خلاف نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي دڪاندار يونين اڳواڻ اصغر ناريجو، عنايت قريشي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ڄامشورو پوليس شهر ۾ امن قائم ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي.

سندن چوڻ هو ته هٿياربند ڏينهن ڏٺي جو وچ شهر ۾ دڪاندار عمران ملاح کان لکين رپيا ڦرلٽ ڪري سولائي سان فرار ٿي ويا پر پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهي.

واپارين ۽ دڪاندارن ايس ايس پي ڄامشورو کان مطالبو ڪيو ته ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪري رقم واپس ڏياري شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.