چنائي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست تامل نادو ۾ گرميءَ سبب ڊيم ۾ وهنجڻ ويل 7 ڇوڪريون ٻڏي ويون.
ڀارتي ميڊيا موجب تامل ناڊو جي شهر ڪوڊالور ڀرسان گاديلام درياهه تي ٺاهيل ننڍي ڊيم ۾ گرميءَ سبب ڇوڪريون وهنجڻ ويون.
ان دوران ٻه ڇوڪريون اونهي پاڻي ۾ هليون ويون ۽ ٻڏڻ لڳيون، انهن مدد لاءِ دانهون ڪيون ته 5 ٻيون ڇوڪريون کين بچائڻ لاءِ اونهي پاڻي ۾ ويون ۽ 7 ئي ڇوڪريون ٻڏي فوت ٿي ويون.
ميڊيا رپورٽن موجب فوت ٿي ويل سڀني ڇوڪرين جو عمرون 12 کان 19 سالن جي وچ ۾ آهن.