سائنس: ڪانون ۾ ووٽنگ ۽ جمهوري فيصلا ڪرڻ جي صلاحيت !

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) سائنسدانن دريافت ڪيو آهي ته ڪانون جو هڪ قسم جيڪڊاز پنهنجي جاءِ ڇڏڻ کان اڳ جمهوري طريقي سان ووٽنگ ڪرائين ٿا.

سياري ۾ صبح سان هزارين جيڪڊاز گڏجي اڏامندا آهن.

هاڻي سائنسدانن دريافت ڪيو آهي ته اڏڻ کان اڳ هي پکي گوڙ ڪري ٻڌائيندا آهن ته هو ڪهڙي مهل اڏڻ چاهين ٿا.

جڏهن سندن گوڙ هڪ خاص حد تائين پهچي ويندو آهي ته اهو اشارو هوندو آهي ته هاڻي هو وڃڻ لاءِ تيار آهن ۽ ان سان گڏوگڏ پکي سفر تي نڪري پوندا آهن.

يونيورسٽي آف اگزيٽر جي پروفيسر آف ڪوگنيٽو ايولوشن ايلڪس ٿورنٽن موجب اهو پکين جي فيصلي ڪرڻ بابت هڪ دلچسپ انڪشاف آهي.

جڏهن پکي آواز ڪڍن ته اهو ان جو مطلب هو ووٽ وجهي رهيا آهن، يا اشارو ڪري رهيا آهن ته هو وڃڻ چاهين ٿا.

ان کانپوءِ گڏيل فيصلو ٻن سببن تي ڪيو ويندو آهي.

پهريون گوڙ ڪيترن ڪيو ۽ ٻيو گوڙ ڪيترو اوچو ٿيو يا تيزي سان ٿيو.

پکين ۾ اتفاق ٿئي ٿو ته پنجن سيڪنڊن ۾ هزارين پکي وڻن تان اڏامي وڃن ٿا.

سائنسدانن 40 هزار جيڪڊاز کي گڏ اڏامندي ڏٺو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.