آمريڪا ۾ فائرنگ جي واقعي ۾ عورت سميت 3 ڄڻا مارجي ويا، 11 زخمي

 

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي شهر فلاڊيلفيا ۾ هجوم تي فائرنگ ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا ۽ 11 زخمي ٿي پيا.

آمريڪي ميڊيا موجب فائرنگ جو واقعو ڇنڇر جي رات پيش آيو، جنهن ۾ 2 مرد ۽ هڪ عورت مارجي واي پر اڃا تائين ڪا گرفتاري عمل ۾ ناهي اچي سگهي.

ميڊيا رپورٽن موجب پوليس طرفان جوابدارن تي فائرنگ ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ اهي پنهنجا پسٽل ڇڏي فرار ٿي ويا.

پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته واقعي واري هنڌان ٻه پسٽل هٿ ڪيا ويا آهن ۽ ڪئميرائن جي مدد سان هٿياربندن جي سڃاڻپ ڪئي پئي وڃي.

پوليس موجب واقعي جي جاچ جاري آهي، ڪوشش آهي ته جلد کان جلد حملي جا ڪارڻ ڄاڻي سگهون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.