زال جي ٺڳيءَ تي همراهه آپگهات ڪري ڇڏيو

مظفر ڳڙهه (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي شهر مظفر ڳڙهه ۾ هڪ شخص زال جي ٺڳي تي آپگهات ڪري ڇڏيو.

پوليس جو چوڻ آهي ته شاهه جمال ۾ شهري آپگهات ڪيو آهي، شهري آپگهات کان اڳ هڪ وديو بيان به رڪارڊ ڪيو.

بيان ۾ شهري چيو ته منهنجي موت جي ذميوار منهنجي زال ۽ ٻيا 8 ڄڻا آهن.

هن چيو ته 6 ڏينهن کان منهنجي زال گم آهي ۽ گهران سونا زيور ۽ روڪ به کڻي وئي آهي.

شهري چيو ته پوليس به پيسا گهري رهي آهي، انصاف نه پيو ملي.

ٻئي پاسي پوليس جو چوڻ آهي ته وڊيو بيان ۾ ڄاڻايل جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.