لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف وزيراعظم شهباز شريف طرفان وڏن بنيادن تي ڳالهين جي تجويز رد ڪري ڇڏي.
هڪ بيان ۾ پي ٽي آءِ جي مرڪزي سيڪريٽري اطلاعات فرخ حبيب چيو ته وڏن بنيادن تي ڳالهين جو شوشو ناڪامي ۽ 50 ڏينهن ۾ آندل معاشي تباهي جو اعتراف آهي، حڪومت 8 هفتن ۾ ملڪي معيشت جو جنازو ڪڍي چڪي آهي.
هن چيو ته غريب عوام تي عذاب بڻجي نازل ٿيندڙن ملڪ ۾ سياسي ۽ معاشي افراتفري جو بنياد وڌو آهي، تيل، بجلي ۽ گئس کي 40 کان 45 سيڪڙو مهانگو ڪري معيشت هلائڻ جي ڇرڪائيندڙ دعويٰ ڪري رهيا آهن.
واضح رهي ته لاهور ۾ تقريب سان خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو هو ته اسان کي ملڪ جي ترقي لاءِ سڀني اسٽيڪ هولڊرز سان گرينڊ ڊائيلاگ ڪرڻو پوندو.