نوشين شاهه جي مريم نواز تي تنقيد: حنا پرويز بٽ چُپ نه رهي سگهي

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ حنا پرويز بٽ پارٽي نائب صدر مريم نواز تي تنقيد ڪرڻ تي اداڪارا نوشين شاهه کي جواب ڏنو آهي.

نوشين شاهه، مريم نواز تي تنقيد ڪندي چيو هو ته مريم نواز بڻجڻ مزي جي ڳالهه آهي، اٿو، پنهنجي مڙس کي نظرانداز ڪيو، پنهنجي پيءَ جي غلامن جي پروٽوڪول  ۾ وڃو، فضول ڳالهيون ڪيو، زور زور سان رڙيون ڪري بينظير بڻجڻ جي ڪوشش ڪيو ۽ سمهي پئو.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Galaxy Lollywood (@galaxylollywood)

ان معاملي تي حنا پرويز بٽ ميدان ۾ اچي وئي ۽ هن نوشين شاهه جي بيان تي سخت ردعمل ظاهر ڪيو آهي.

حنا پرويز بٽ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ نوشين شاهه جي انداز ۾ ئي چيو ته نوشين شاهه ٿيڻ حقيقت ۾ هڪ مذاق آهي، اٿو، رڙيون ڪيو، ڪنهن تڪرار ۾ وچڙيل رهو.

هن چيو ته بيروزگار عورت پاڻ هڪ لطيفو آهي، ان عورت کي ته شايد گهروارا به نه سڃاڻيندا هجن، مريم بي بي جو نالو وٺي مشهور ٿيڻ چاهي ٿي، هلو ويچاري کي شايد ڪو روزگار ملي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.