گرميءَ جي لهر ۾ واڌ جو امڪان، موسميات کاتي جي شهرين کي گهران نه نڪرڻ جي صلاح

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ايندڙ 4 کان 5 ڏينهن دوران گرمي پد ۾ غير معمولي واڌ جو امڪان آهي، جنهن لاءِ موسميات کاتي الرٽ به جاري ڪري ڇڏيو آهي.

موسميات کاتي موجب ايندڙ 4 کان 5 ڏينهن دوران اسلام آباد، پنجاب، خيبر پختونخواهه، ڪشمير، سنڌ ۽ اوڀر بلوچستان ۾ منجهند جو گرمي پد معمول کان وڌيڪ رهڻ جو امڪان آهي.

گرمي ۾ غير معمولي واڌ سبب موسميات کاتي الرٽ جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته شهري غير ضروري طور اُس ۾ نڪرڻ کان پاسو ڪن ۽ هيٽ اسٽروڪ کان بچاءَ لاءِ احتياطي اپاءَ وٺن.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته گرمي جي شديد لهر کانپوءِ ملڪ جي مٿين ۽ وچين علائقن ۾ برساتن جو سلسلو داخل ٿيڻ جو به امڪان آهي، جنهن سان گرمي جي شدت ۾ گهٽتائي ايندي.

هوڏانهن اين ڊي ايم اي صوبائي ۽ ضلعي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽيز ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن کي امڪاني هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار رهڻ جون هدايتون ڪيون آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.