اسد عمر جو وزيراعظم شهباز شريف ۽ وڏي وزير حمزا جي گرفتاري جو مطالبو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سيڪريٽري جنرل اسد عمر وزيراعظم شهباز شريف ۽ پنجاب جي وڏي وزير حمزا شهباز جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو آهي.

اسد عمر ٽوئيٽر تي هڪ ڀيرو ٻيهر هاڻوڪي حڪومت کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي لکيو ته ملڪي ادارا اربين رپين جي ڪرپشن ڪيس ۾ وزيراعظم ۽ وڏي وزير جي حراست جو مطالبو ڪري رهيا آهن.

اسد عمر پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وڌيڪ چيو ته 22 ڪروڙ آبادي جي ايٽمي طاقت واري ملڪ مٿان ڪهڙا حڪمران مڙهيا ويا آهن.

پي ٽي آءِ اڳواڻ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ امپورٽڊ حڪومت نامنظور جو هيش ٽيگ به استعمال ڪيو.

ياد رهي ته لاهور جي عدالت مني لانڊرنگ ڪيس ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ پنجاب جي وڏي وزير حمزا شهباز جي ضمانت ۾ 11 جون تائين واڌ ڪئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.