دعا زهرا پنجاب مان هٿ، مڙس سوڌي ڪراچي پوليس حوالي

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) ڪراچي مان پنجاب وڃي پسند پرڻو ڪندڙ ناري دعا زهرا کي بهاول نگر جي تعلقي چشتيان مان هٿ ڪيو ويو آهي.

لاهور پوليس جو چوڻ آهي ته دعا ۽ سندس مڙس ظهير کي سي آءِ اي پوليس هڪ وڪيل جي گهر مان هٿ ڪيو، ٻنهي کي ڪراچي پوليس حوالي ڪيو ويو آهي.

دعا زهرا جي مڙس ظهير جا سمورا گهر ڀاتي اڳ ئي ڪراچي پوليس جي حراست ۾ آهن.

دعا جي اغوا جو معاملو 16 اپريل تي رپورٽ  ٿيو هو پر پوءِ ناري پنجاب ۾ ظهير نالي ڇوڪري سان شادي جو اعتراف ڪيو هو.

هوڏانهن دعا زهرا جي پيءَ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته ڌيءَ جي عمر اڃا 14 سال آهي، تنهن ڪري قانون موجب ان جي شادي نٿي ٿي سگهي، کيس آزاد ڪرائي اسان جي حوالي ڪيو وڃي.

دعا زهرا جي آزادي لاءِ سنڌ پوليس سانگهڙ ۾ به ڇاپا هنيا هئا، جڏهن ته دعا 26 اپريل تي لاهور ۾ پوليس کي مڙس سان گڏ رهڻ جو بيان ڏنو هو پر سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻنهي کي هر صورت ۾ عدالت ۾ پيش ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا هئا.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ناري کي 10 جون تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، جڏهن ته سنڌ پوليس دعا جي آزادي لاءِ وفاقي گهرو وزارت کان به مدد گهري هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.