وڌندڙ عالمي گرمي پد، منفي ماحولياتي تبديليءَ جو هڪ اهم مسئلو

­­­­نصرت سڪندر

اسان جتي دنيا ۾ سائنسي ترقيءَ، مريخ تي نت نين دريافتن ۽ ’هٿرادُو ڏاهپ‘ (آرٽيفشل انٽيليجنس) جي چرچن تي داد ڏيون ٿا، ان حقيقت کان اکين ٻُوٽ ڇو آهيون؟ ته ان ئي ڌرتيءَ جي پوتيءَ جي پلئه ۾ باھ ٽمڪي رهي آهي، جنهن آڳ کي اسان دنيا جي ’عالمي شهرين‘ جي بي پناهه لاپرواهيءَ سبب سڀ ڪجھه ساڙي خاڪ ۾ بدلائڻ ۾ ويرم نه لڳندي.

وڌندڙ ’عالمي گرمي پد‘ (گلوبل وارمنگ) منفي ماحولياتي تبديليءَ (ڪلائيميٽ چينج) جو اهم ترين عالمي مسئلو آهي. قدرتي گئسن ۽ ٻئي ٻارڻ، جهڙوڪ ڪوئلي ۽ تيل جي استعمال سان ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ گيس پيدا ٿئي ٿي، اهي گئسون جڏهن وڻن ۽ سمنڊ ۾ جذب ٿيڻ کان بچي وڃن ٿيون، ته اهي سنيون سڌيُون فضائي گدلاڻ جو سبب بڻجن ٿيون. جھنگن ۽ ٻيلن کي وڍي زرعي زمينن ۽ رهائشاگاهن ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪري ساوڪ جو هٿرادو خاتمو  ڪري صاف توانائي حاصل ڪرڻ جا رستا تيزيءَ سان بند ڪيا پيا وڃن.

ماحولياتي گرمي پد جي واڌ جي ڪري گليشيئر رڄڻ شروع ٿين ٿا ۽ پاڻي دريائن،سمنڊن ۾ ٻوڏ جي صورت اختيار ڪري انساني آباديءَ ۽ فصلن جي تباهيءَ جو سبب بڻجي ٿو. گڏيل قومن پاران مقرر ڪيل ’پائدار ترقيءَ جي هدفن‘ (سسٽين ايبل ڊويلپمينٽ گولز) منجھان ’صاف توانائيءَ جي حاصلات بابت جاکوڙ‘ (ڪلائيميٽ ايڪشن) ان جو 13هون هدف آهي.

ماحولياتي خطرو، خاص طور ايشيا جي گهٽ آمدنيءَ وارن ڏتڙيل ملڪن توڙي شهرن کي وڌيڪ متاثر ڪري رهيو آهي. دنيا ۾ هر سال ستر لک کن ماڻهو فضائي آلودگيءَ سبب مؤت جو کاڄ بڻجن ٿا. عالمي سطح تي انساني زندگيءَ لاءِ هڪ خطرو فضا ۾ پکڙجندڙ گدلا ذرڙا به آهن، جيڪي انساني صحت جي خراب ٿيڻ جو سبب بڻجن ٿا. هي وقت آهي ته انساني جانين کي وڏي نقصان کان بچائڻ لاءِ سنجيده نوعيت جُون ڪوششون ورتيون وڃن.

ان سان گڏوگڏ ڏينهون ڏينهن گرين هائوس گيسون پڻ گرمي پد ۾ واڌارو ڪري رهيون آهن. جيستائين ڌرتيءَ تي گرين هائوس گيسن جو استعمال جاري رهندو، تيستائين گرمي پد وڌندو ئي رهندو. ان ڏس ۾ گهٽ ۾ گھٽ ٻه ڏهاڪا اڳ جي اڳڪٿيءَ سان  ناڪاري موسمياتي تبديلين تي سوچڻ سان اڄ ڪنهن حد تائين بچاءَ جي تدبيرن تائين پهچي سگهڻ ممڪن ٿي سگهي ٿو. ناڪاري موسمياتي تبديلين کان  بچڻ لاءِ  گرين هائوس گيسن جي اخراج کي گهٽائڻ (بلڪه ممڪن هجي ته  ختم ڪرڻ لاءِ)  دنيا جا ماحوليات دان، انسان دوست منصوبا جوڙڻ ۾ رڌل آهن، جن ۾صاف توانائيءَ جي حاصلات کي هٿي وٺرائڻ ۾ سيڙپڪاريءَ جي سلسلي ۾ مالي مدد لاءِ دنيا جون وڏيون ڪمپنيو پڻ دلچسپي رکندڙ آهن. جيئن گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڌندڙ عالمي گرمي پد (گلوبل وارمنگ) تي قابو آڻي سگهجي. جيستائين اهي زيرِ عمل منصوبا ڪاميابيءَ کي پهچن، تيستائين گلوبل وارمنگ کي گهٽائڻ لاءِ اسان سڀني کي پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪم ڪرڻو پوندو، توڙي اهي سياسي اڳواڻ هجن، يا تاجر! حڪومتون هجن، يا عوام! هر فرد گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي وس آهر تحرڪ پيدا ڪري قدرتي گئسن جي استعمال کي گهٽائي ماحول ۾ گدلاڻ پکيڙڻ واري عمل کي روڪڻو پوندو.

ان سڄي بحث ۾ اهو به هڪ اهم سوال آهي ته ڇا  صاف توانائيءَ کي ڏتڙيل ملڪن جي عام ماڻهن لاءِ سستو ۽ اعتماد لائق بڻائي سگهجي ٿو؟ ان ڏس ۾ گلاسگو ۾ ٿيندڙ گڏيل قومن جي  عالمي ماحولياتي ڪانفرنس ۾ به عالمي رهنمائي ڪندڙن جي وچ ۾ اهو ئي موضوع سنجيدگيءَ سان بحث هيٺ رهيو، ته نقصان رسائيندڙ گئسن جي خارج  ٿيڻ کي ڪيئن گهٽائي سگهجي ٿو. عالمي ماهرن کي ان ڏس ۾ هن وقت تائين ڪابه اهڙي جامع پاليسي ٺاهڻ ۾ ڪا واضح ڪاميابي ناهي ملي سگھي.

اهو نه وسارڻ گھرجي ته هن وشال شمسي نظام ۾ ڌرتي ئي جاندارن جي واحد رهائشگاهه ۽ اڪيلو گھر آهي، جيڪو دونهي ۽ دز جي ڪري لڳ ڀڳ پونين پساهن ۾ آهي. ٻيلن جو هڪ وڏو حصّو ڌرتيءَ جي هاڻوڪي  نقشي تان مٽجي چڪو آهي ۽ باقي رهيل حصّو به تيزيءَ سان ميسارجي رهيو آهي. شهري آباديءَ جي اڪثريت پڻ ماحول دشمن بڻجي چڪي آهي. انهن گُوناگُون مسئلن جي حل لاءِ ننڍا ننڍا طريقا آهن، جن تي عمل ڪري اسان پنهنجو گھر (زمين) بچائي ۽ ان کي رهڻ لائق سگھون ٿا، مثال طور: گهرن ۾ ننڍا ننڍا باغيچا ۽ ڀاڄيون پوکي (واڙي ڪري) سگجهي ٿي. گهرن ۾ بتين، بلبن ۽ ٻين بجليءَ جي اوزارن جو غير ضروري استعمال گھٽائي يا بنهه ختم ڪري سگھجي ٿو. گاڏين جي غير ضروري  استعمال بدران ويجهي پنڌ لاءِ پيادل هلڻ جو طريقو يا سائيڪل استعمال ڪري سگھجي ٿي. نصابي توڙي هم نصابي ۽ غير نصابي سرگرمين ذريعي ايندڙ نسلن کي ڌرتيءَ تي ايندڙ تباهڪاريءَ جي ڄاڻ ڏئي تحرڪ پيدا ڪرڻ پڻ وقت جي اهم ترين ضرورت آهي ۽ نؤجوانن جي صلاحيتن سان نت نوان ماحول دوست طريقا دريافت ڪرڻ پڻ بيحد ضروري آهي. روڊن رستن ۽ گهٽين جي ڪنارن سان وڻڪاري ڪرڻ پڻ ان مسئلي جو هڪ ننڍڙو حل آهي. عالمي گرمي پد گهٽائڻ جو بهترين ذريعو وڻڪاري آهي، جنهن طرف اسان بنهه ڌيان ڪونه ٿا ڏيون. ڇاڪاڻ ته ٻوٽا توڙي وڻ، ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جذب ڪن ٿا ۽ اسانکي مفت ۾ آڪسيجن جي جھجھي امداد فراهم ڪن ٿا. ته پوءِ اهڙي سڄڻ جي پوکيءَ ۽ افزائش ۾ ڪهڙو عيب ۽ ڇا جي دير!

ان سان گڏوگڏ اسانکي گھرجي ته مختلف توانائيون، جيڪي گلوبل وارمنگ جو سبب بڻجن ٿيون، تن جو استعمال گهٽايون، ريسائڪلنگ جي مدد سان شين کي ٻيهر نئين صورت ۾ استعمال ڪري، توانائيءَ جي بچت جا طريقا استعمال ڪريون.

اسان لاءِ اهو بيحد ضروري آهي ته فطرت سان ٿيندڙ هٿ چراند جي صورت ۾ فطرت جي ناراضگيءَ جو ابتدائي اظهار، گلوبل وارمنگ جي صورت ۾ ڀوڳڻ مان سبق حاصل ڪري، اک پٽيُون ۽ هن جاندارن جي گولي کي فرحت بخش ۽ ماحول دوست بڻايُون ۽ عالمي گرميءَ کان بچاءَ جا ڪارائتا طريقا استعمال ڪري ڌرتيءَ جي سائي چادر تان دونهين جا داغ ڌوئي، ماحول کي پاڪ صاف صحتمند بڻايُون.

اسين سڀ ’عالمي شهري‘ (گلوبل سٽيزنس) آهيون. اسان سڀ گڏجي، ماحوليات طرف پنهنجي مثبت رويّي سان ڌرتي بچائڻ جي مهم تي سنجيدگيءَ سان ڪم ڪري، پنهنجيون ڪارآمد ۽ عمل لائق تجويزون هڪٻئي سان ونڊي، انهن کي فوري طور عمل ۾ آڻي، هن سهڻي ڌرتيءَ تي خوبصورت رنگ برنگن پکين،گلن ۽  آبي جيوت سان گڏ فطرت جي رنگن سان هميشه شاد آباد رهي سگهون ٿا، جنهن لاءِ اسانکي جنگي بنيادن تي ڪم ڪرڻو پوندو. جنهن کانسواءِ هاڻي اسان وٽ ٻي ڪا واهه به ناهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.