ترڪيءَ پنهنجو نالو بدلائي ”ترڪيه“ رکي ڇڏيو

ترڪي جي نالي بدلائڻ جي  ڏنل درخواست جي انقره پاران مليل منظوري بعد هاڻي هن ملڪ جو سرڪاري نالو ترڪيه هوندو، گڏيل قومن ۾ ترڪي کي هاڻي ترڪيه  جي نالي سان سڃاتو ويندو.

مختلف  عالمي ادارن ۽ تنظيمن کي به چيو ويندو ته ترڪي جو نالو تبديل ڪيو وڃي. نالي جي تبديلي ترڪي جي صدر رجب طيب اردگان پاران ملڪ کي هڪ نئين سڃاڻپ ڏيڻ جي مهم جو حصو آهي.

صدر رجب طيب اردگان گذريل سال ڊسمبر ۾ چيو هو ته ”ترڪيه سندن  عوام، ثقافت، تهذيب ۽ قدرن جي صحيح عڪاسي ڪري ٿو“ گڏيل قومن جو چوڻ آهي ته نالي جي اهڙي  تبديلي تازو درخواست ملندي ئي ڪئي وئي آهي.

ترڪي جا اڪثر ماڻهو اڳي ئي  پنهنجي ملڪ کي ”ترڪيه“ سڏين ٿا تنهن هوندي به، انگريزيء ۾ استعمال ٿيل نالو اڃا تائين ترڪي ۾ وڏي پيماني تي مقبول  ٿيل آهي. سرڪاري خابرو  اداري، ٽي آر ٽي گذريل سال صدارتي اعلان کان پوءِ ئي ان نالي کي استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڏنو هو، ان جا سبب بيان ڪندي چيو ويو هو ته نالي ۾ تبديلي انڪري به  ضروري هئي ڇاڪاڻ جو ، ترڪي نالي سان هڪ پکي به آهي، جنهن کي خاص ڪري مسيحي برادري وارا ڪرسمس جي موقعي تي، نئين سال جي شرعات تي ۽ شڪرگذاري جي موقعي تي عيسائي  ماڻهو شوق سان کائيندا آهن.  ان سان گڏوگڏ اها نشاندهي به ڪئي وئي ته انگريزي ٻولي جي ڪيمبرج ڊڪشنري ۾ ترڪي لفظ جي معنيٰ ’احمق يا بيوقوف‘ کي چيو ويندو آهي يا ڪنهن اهڙي شيءِ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي، جيڪا ’بري طر ح ناڪام ٿي وئي هجي‘

ترڪي جي سڃاڻپ بدلائڻ جي مهم موجب ترڪي ۾ تيار ٿيندڙ سمورين شين تي” ميڊ اِن ترڪيه“ لکيو ويندو ۽ هن سال جنوري ۾ سياحت کي هٿي ڏيڻ لاءِ هڪ اشتهاري مهم شروع ڪئي وئي هئي جنهن ۾ ’هيلو ترڪيه‘ لکيو ويو ۽ استعمال ڪيو ويو هو. ان قدم تي سوشل ميڊيا تي مليل جليل رد عمل سامهون آيو آهي. حڪومت طرفان ان تي ڀرپور طريقي سان عمل ڪيو پيو وڃي، پر ڪن جو خيال آهي ته اها عام چونڊن کان هڪ سال اڳ ملڪ کي درپيش سخت معاشي بحران کان ڌيان هٽائڻ جي هڪ بيڪار ڪوشش آهي.

ملڪن پاران پنهنجا نالا تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪا نئين ڳالهه ناهي. 2020۾، هالينڊ نالو ختم  ڪري ان کي نيدرلينڊ جو نالو ڏنو. ميسيڊونيا  پنهنجو نالو بدلائي اتر ميسيڊونيا  رکيو،جنهن جو سبب  يونان سان سياسي تڪرار هو، ۽ سوازي لينڊ 2018 ۾ پنهنجو نالو بدلائي اي سواتيني رکيو هو. جيڪڏهن اسان اڃان ٿورو پوئتي وڃون ته ايران لاءِ فارس لفظ استعمال ٿيندو هو، سيام هاڻي ٿائلينڊ آهي ۽ روڊيشيا هاڻي زمبابوي ٿي ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.