ڇا سگا کي سنڌ جي سياسي جماعت ۾ بدلائڻ نه گهرجي؟

زرار پيرزادو

¨ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن (سگا) جي گولڊن جوبلي جي ٽن ڏينهن جون تقريبون جيڪي آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ هلي رهيون آهن ۽ اڄ انهن تقريبن جو آخري ڏينهن آهي تنهن جي پهرين مبارڪ سگا جي باني محترم ڊاڪٽر سليمان شيخ کي ڏجي ٿي جيڪو ان تنظيم جو باني آهي، ٻي مبارڪ ميڊم مهتاب اڪبر راشدي کي جنهن کي چيئرپرسن ٿيڻ واري پهرين سال ئي سگا جي گولڊن جوبلي ملهائڻ جو تاريخي اعزاز نصيب ٿيو آهي ۽ ٽين وڏي مبارڪ ولي محمد روشن صاحب جهڙن سگا جي باني ميمبرن کي جيڪي اڄ تائين بي لوث خدمتون سر انجام ڏئي رهيا آهن.

¨ ڪالهه چوٿين جون، ڊاڪٽر سليمان شيخ جي جنم ڏينهن جي تاريخ هئي. مون کين مبارڪ ڏيندي چيو ته سائين هي گولڊن جوبلي واريون تقريبون اصل ۾ اوهان جي سالگرهه جون تقريبون آهن ڇاڪاڻ ته سگا اوهان جو ئي وجود آهي. سگا به اوهان پاڻ ئي آهيو. سو ڊاڪٽر سليمان شيخ نه رڳو پنهنجي ٺهيل ذاتي تاريخ پاڻ پنهنجي اکين سان ڏسي رهيو آهي پر پاڻ سان گڏ هو سگا جي ٺهيل بي داغ تاريخ به ڏسي رهيو آهي.

¨ هيءَ سنڌين جي پهرين وڏي ۽ باني سماجي تنظيم آهي ۽ هيءَ واحد سماجي تنظيم آهي جيڪا عام اين جي اوز وانگر تنظيم کي پيسن ڪمائڻ جو ذريعو ناهي سمجهندي پر هيءَ پنهنجو جذبو، ايمان ۽ رت ست ڏيڻ واري بي لوث تنظيم آهي.

¨ سگا جي گولڊن جوبلي جي مبارڪ سنڌ کي به ڏجي ٿي، جنهن کي انتهائي باشعور گريجوئيٽس ماڻهن تي ٻڌل اڳواڻن ۽ ميمبرن جي هڪ اهڙي سماجي تنظيم ملي آهي جنهن تي ڪڏهن به ڪنهن آڱر نه کنئي آهي. سڀني لاءِ قابل قبول رهي آهي، هر لحاظ کان غير تڪراري آهي جنهن تي خوشگوار حيرت جو ئي اظهار ڪري سگهجي ٿو.

¨ سگا جي بي داغ تاريخ کي ڏسندي ۽ سنڌ جي شعور کي هڪ پليٽ فارم تي پنجاهه سالن کان بنا ڪنهن تڪرار جي موجود ڏسندي هڪ معصوماڻي خواهش جنم وٺي ٿي ته ڇا ان سماجي تنظيم کي سنڌي ماڻهن جي نمائنده سياسي جماعت ۾ تبديل نٿو ڪري سگهجي ؟

¨ سگا جي مستقبل جي حوالي سان ڪالهه هڪ سيشن به رکيل هو، مونکي خبر ناهي ته ان ۾ اهڙي ڪا تجويز رکي وئي هئي يا نه پر مونکي لڳي ٿو ته سنڌين کي سگا جهڙي سياسي تنظيم جي ضرورت آهي.

¨ جيڪڏهن سگا سنڌ اسيمبلي جي سڀني سيٽن تي پنهنجا اميدوار بيهاري ۽ ان سياسي تنظيم جي اڳواڻي ڊاڪٽر سليمان شيخ صاحب جي سرپرستي ۾ مهتاب اڪبر راشدي صاحبه ڪري ته پ پ جي جاءِ تي سنڌ کي هڪ ٺهيل ٺڪيل انتهائي سنجيده اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تي ٻڌل سياسي جماعت ملي سگهي ٿي.

¨ سگا تي سنڌي ماڻهن جو اعتماد به آهي ته ويساهه به آهي، ان تنظيم جي اڳواڻن ۽ ميمبرن ۾ سنڌ جي خدمت جو حقيقي جذبو به آهي پوءِ ڇو نه ان جذبي کي سماجي خدمتن سان گڏ سياسي تبديلي لاءِ به ڪتب آڻجي.

¨ سگا جون شاخون نه رڳو سنڌ پر سڄي ملڪ ۾ به آهن، ان تنظيم جون خاص ڪري تعليم جي کيتر ۾ ڏنل خدمتون تاريخ جو حصو بڻجي چُڪيون آهن جنهن جو ريڪارڊ ڪتابن ۾ موجود آهي.

¨ هن تنظيم ۾ عورتن جي به هڪ مضبوط ونگ آهي ۽ ميڊم مهتاب راشدي ۽ محترمه شبنم موتي جي اچڻ سان عورتن جي نمائندگي ۾ نئون جوش ۽ ولولو پيدا ٿي ويو آهي جيڪو پڻ سياسي تحرڪ جو اتساهه بڻجي سگهي ٿو ۽ عورتن جي اڌ آبادي جيڪا سياست کان لاتعلق آهي تنهن کي ان ڌارا ۾ آڻي سگهي ٿي.

¨ سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته ايندڙ پنجاهه سالن لاءِ سگا سنڌ ۽ سنڌي عوام جي سياسي جماعت طور مالڪي ڪرڻ جو وچن ڪري ته سنڌ ۽ سنڌي عوام اندر نئون ساهه پئجي سگهي ٿو ۽ بي يقينيءَ جو احساس ختم ٿي سگهي ٿو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.