ملڪي معيشت ۽ آءِ ايم ايف

رياض ابڙو 

حڪومت غريب عوام کي ڏيکاري هڪڙو هٿ ٿي ۽ هڻي ٻيو ٿي ڪڍي، 3 ارب ڊالر پيڪيج جي عيوض شهبازسرڪار عوام کي رڳو 28 ارب روپين جو پيڪيج ڏنو ته جيئن اهي پنهنجي سياست ڪيش ڪرائي سگهن ان ڪري اسان وٽ عوامي فيصلا ته سدائين پل صراط ثابت ٿيندا رهندا آهن. هر فيصلي جي پٺيان هڪ سياسي گيم ضرور هوندي آهي، مثال ڊسمبر 2021 ۾ پي ٽي آءِ سرڪار آءِ ايم ايف سان اهو طئي ڪيو هيو ته بجاءِ هر مهيني 10 10 روپيا پيٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون وڌائي عوام کي ڇتو ڪجي پر ان جاءِ تي جي ٽه ماهي پيٽرول جون قيمتون وڌائي هڪ ڌڪ عوام جي چيلهھ ڀڃجي ته صحيح آ ته پوءِ ٽي مهينا اڳ عمران خان پيٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون وڌايون ته هاڻي ٽن مهينن کانپوءِ هنن وڌايون ڳالهه مڙئي ساڳي آ معني ظلم ساڳو آ رڳو ظالم مٽيل آ يا هنن حڪمرانن جو ٻٽيون صلاحيتون اهي به آهن ته هي گنهگار به آهن يا کڻي چئون ته ڪرپٽ به آهن پر اهڙي ڪرپشن هنن تي ڪڏهن به ثابت نه ٿي سگهندي ان ڪري جو قانون ۽ پاسداري ناهي.

ان ڪري آءِ ايم ايف رڳو پاڪستاني عوام جي چيلھه ڀڃڻ جي چڪر آ ان ڪري حڪومتن کي ڇاهي اڄ هڪڙا سڀاڻي ٻيا پر آءِ ايم ايف وٽ سدائين هڪ ”بيل آئوٽ“ پروگرام ضرور آ ته مهانگائي ڪيو، ادارا گروي رکو ۽ عوام جي چيلهھ ڀڃو ته حاضر اسان توهان کي قرضن جي مٿان قرض ڏينداسين جن مان اهي وزير ڀلي عياشي ڪن اهي ڀلي پنهنجو ڪم هلائن، ان ڪري ته حڪومت جي اهڙي سياڻپ ۾ هجي ته اها پهرين پنهنجي گهرو پيداورا (جي ڊي پي) وڌائي پنهنجي پروڊڪشن تيز ڪري پنهنجي صنعتن کي وڌائي، پنهنجي گهرو ضرورت جون شيون پاڻ ٺاهي، امپورٽ تي مڪمل پابندي هڻي يا شيون ٻاهران به گهرائي ان ڪري شيون جڏهن پاڻ ٺاهي پنهنجي پورت ڪنداسين جنهن ۾ موبائيل کان وٺي وڏين مشينن تائين، سُڪي کير کان وٺي فصلن جي کاڌ تائين يا جيڪي به گهربل شيون آهن اهي جيڪڏهن ملڪ پاڻ ٺاهي پاڻ استعمال ڪري ته هوند امپورٽ گھٽجي ۽ روپئي جي قدر ۾ اضافو به ٿئي.  پر حيرت اها به آهي ته سرڪار جتي عوام جي چيلھه ڀڃڻ جا معاهدا ڪري ٿي اتي اهو به معاهدو ڪري ٿي ته اهي ايڪسپورٽ نه ڪندا، امپورٽ وڌائيندا، ماڻهن جي في ڪس آمدني وڌائي وري اوتري مهانگائي به ڪندا ان ڪري ته آءِ ايم ايف جي معاهدن جي ڪري مهانگائي ۽ مصيبتن جو زور حڪمرانن تي ناهي انهن جي ته جونءَ به نه ٿي چري اهي خاموش تماشائي لڳا ويٺا آهن ڪم ته غريبن جو ٿو وڃي، روزگار غريبن کي نه ٿا ملن يا خاص ڪري اسان وٽ جيڪي پٺ تي پيل شهر يا ڳوٺ آهن. جن وٽ بنيادي سهولتون به ناهن اهي ڪاڏي وڃن اهي ڪهڙي يوٽلٽي اسٽور تي بيهن اهي ڪهڙي سستي ميڊيسن وٺن اهي ڪهڙي گاڏي ۾ چڙهن يا ڪهڙي پيٽرول جو استعمال ڪن، فارسي اها به سمهڻ جهڙي آ ته رڳو موٽرسائيڪل يا 800 سي سي گاڏين ۾ پيٽرول سستو ڪندا باقي ٻيا جيڪي به گاڏيون هلائن ٿا اهي پيٽرول جي مهانگاي ٿيڻ جو شڪار ٿين پر ڳالهه اها به آهي پيٽرول پمپن تي سوين موٽرسائيڪلون ٿيون بيهن اتي 800 سي سي گاڏيون به هيڪڙ ٻيڪڙ يا پراڊو، لينڊڪروزر يا مرسڊيز يا ڪيااسپورٽيج ته ڪي چند هونديون جيڪي بيهن ٿيون ان ڪري ته جيڪا بپلڪ ٽرانسپورٽ ٿي هلي جنهن تي موٽرسائيلڪن کان به ويل طبقو سفر ٿو ڪري اهي ڪاڏي وڃن يا هڪ شهر کان ٻئي شهر ۾ ڪمائيندڙ غريب طبقو، يا بسين، گاڏين يا لارين يا ريل گاڏين يا ٻين سفري سهولتن وارين گاڏين تي سفر ڪرڻ وارا ڪاڏي وڃن.

اهي ڪهڙي زمري ۾ ايندا ان ڪري ته سبسڊي ته ڀلا يڪو سبسڊي يا ترن جي تيل ڪڍڻو اٿن ته ترن مان ئي ڪڍن مثال جيڪو ٿيون طبقو آ جيڪي لکين پگهارون ٿا کڻن اهي به ساڳي مهانگائي جي زد ۾ آهن جنهن ۾ غريب عوام آ، ان ڪري ته زندگي گذارڻ جي شين ۾ رڳو اٽي ٻاٽ جي ضرورت ناهي پر ٻيون به شيون آهن جيڪي غريب عوام کي کپن، جنهن ۾ تعليم ۽ صحت به آهي ان ڪري جو پرائيس ڪنٽرول ناهي ۽ جنهن کي جيڪو وڻي سو ڪندا يا پهرين عمران خان کي بدشد ڳالهائي ٻه گاريون ڏئي دوڪاندار شيون مهانگيون کپائيندا هيا هاڻي وري شهبازشريف جو وارو آ ان ڪري ته انڌي جهڙي پيڪي تهڙي ساهرين غريب عوام جهڙي ڏچي ۾ عمران خان جي سرڪار ۾ هيو تهڙو هاڻي به آهي جيڪا مهانگائي اهي پيا ڪن تيڪا هنن به ڪئي فرق رڳو ظالم جي ڪرسي مٽائڻ جو آ ظلم ته ساڳو آ.

اٽو ۽ ٻيون استعمال ۽ عام واهپي جون شيون گھٽ ڪندا يا يوٽلٽي اسٽورز تي دستياب ڪندا، پر يوٽلٽي اسٽوز تي ڪيترو يا ڪيستائين يا ڪير وڃي ڊگهي لائين هڻي جنهن ۾ سوين هزارين ماڻهو لائين هڻي بيهي ٿا رهن ۽ جيڪي آخر ۾ بچن ٿا انهن جي لاءِ نه ٿي کنڊ بچي نه ٿو اٽو بچي يا نه ٿي ڪا ٻي ضرورت جي شيءِ ۽ گھڻي ڀاڱي اهي يوٽلٽي اسٽورز وارا ته اٽو، گيھ ۽ کنڊ هولٽن تي سوائي اگهھ تي کپائي عام ماڻهن کي آرو ڏئي ٿا ويهن يا لم ٺپ سان ڪم ٿا هلائن جو ڪنهن کي اٽو ملي ٿو ڪنهن کي کنڊ جو ڪلو ڏئي مڙئي راضي ڪيو ويٺا آهن ان ڪري ته يوٽلٽي اسٽوز تي رڳو شناختي ڪارڊ جو شرط آ جيڪو ڪير به پورو ڪري سگهي ٿو ان کان بهتر آ ته راشن ڪارڊ ٺاهي ڏنا وڃن.

ڀلا جي 28 ارب ڊالر جي ڪا صنعت هڻي غريب کي روزگار ڏجن ته گناھ ٿي پوندو، يا ٻه هزار غيرب گهراڻن کي گهر ويٺي ڏيندا جيڪي آبادي جو تقريبن ٽيون حصو آهن يا بينظير انڪم سپورٽ پرگرام جنهن ۾ ماڻهن کي ان نور کان به ڪڍي ڇڏيو اٿن جو اٻوجھه مايون اڃان تائين انهن چوڏهن هزار روپين مان ٻه هزار انهن ايجنٽن کي کارائي به آفيت ۾ آهن ته رڳو ٻارنهن هزار ڏيو ته وڃي ٻچن کي اٽو ٻاٽ وٺي گذرسفر ڪيون پوءِ اهڙي معيشت ته ملڪ کي خودڪشي ڪرائڻ جي برابر آ جو ان عوام جي حالت ڏھ سال پهرين به ساڳي هئي ۽ هاڻي به ساڳي آ پر ظلم ساڳو آ ۽ طالم مٽبو ٿو رهي جنهن کي آءِ ايم وٽ پاڻ گوڏا کوڻڻ ناهي هوندو پر غريب عوام گروي رکڻ هوندو آ.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.