سنڌ پوليس دعا زهرا جي بازيابي لاءِ وفاق کان مدد گھري ورتي

ڪراچي (م ڊ) ڪراچي واسڻ دعا زهرا جي آزادي لاءِ سنڌ پوليس گھرو وزارت کان مدد گھري ورتي، آءِ جي سنڌ وفاقي گھرو وزارت کي خط لکيو آهي، جنهن ۾ دعا زهرا جي آزادي لاءِ آءِ جي پنجاب کي سنڌ پوليس جي مدد ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي، خط ۾ درخواست ڪئي وئي آهي ته خيبر پختونخواهه ۽ آزاد ڪشمير جي آءِ جيز کي به سنڌ پوليس سان سهڪار جي هدايت ڪئي وڃي، خط جي متن موجب سنڌ هاءِ ڪورٽ دعا زهرا کي 10 جون تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

مني لانڊرنگ ڪيس ۾ شهباز ۽ حمزا شريف جي گرفتاري گهربل آهي: ايف آءِ اي

لاهور(بيورو+م ڊ) وزيراعظم محمد شهباز شريف مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ لاهور جي احتساب عدالت ۾ پيش ٿيو، جڏهن ته عدالت وزيراعظم محمد شهباز شريف، پنجاب جي وڏي وزير حمزه شريف سميت خاندان جي خلاف مني لانڊرنگ ريفرنس تي ٻڌڻي 5 جون تائين ملتوي ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي محمد شهباز شريف ۽ حمزه شهباز شريف جي مستقل حاضري کان ڇوٽ جي درخواستن تي وڪيلن کي دليل پيش ڪرڻ جي لاءِ طلب ڪري ورتو آهي. احتساب عدالت جي جج نسيم احمد ورڪ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ڇنڇر ڏينهن ٻڌڻي دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف پيش ٿي پنهنجي حاضري مڪمل ڪرائي ۽ روسٽرم تي اچي عدالت کي درخواست ڪئي ته بجيٽ جي حوالي سان مصروف آهيان، بجيٽ کانپوءِ تاريخ ڏني وڃي، شهباز شريف سميت ٻين جي خلاف چار جوابدار سلطاني شاهد بڻجي چڪا آهن،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.