ننگر ۾ ناري ڪاوڙجي خودڪشي ڪري ڇڏي

ننگرپارڪر (رپورٽ:لياقت سمون) ننگرپارڪر ويجهو ڳوٺ ويئل ۾ 15 سالن ناري ڀرمي ڌي ڏيارام ڪولھي گھر وارن سان ڪاوڙجي گھر ڀرسان ٻنيءَ ۾ بيٺل ڪنڊي جي وڻ ۾ رسو ٻڌي خودڪشي ڪري پنھنجي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو،وارثن ناري کي وڻ مان لاھي تعلقي اسپتال آندو،جتي ڊاڪٽرن سندس موت جي تصديق ڪئي،ناري جي والد ڏيارام جو چوڻ ھو ته منھنجي ڌي صبح جي ٽائيم گھران ڪاٺيون ڪرڻ لاءِ نڪتي ھئي،ڌنارن سندس لاش وڻ ۾ ٽنگيل ڏسي مونکي ٻڌايو،گھر ۾ ڪا به اھڙي ڳالھ نه ٿئي ھئي،الاهي ڇو هن خودڪشي ڪئي آهي،ھوڏانھن ناري جو لاش 2 ڪلاڪن کان تعلقه اسپتال ۾ پيل رهيو،اطلاع باوجود حد جي ٿاڻي جي پوليس قانوني ڪاروائي لاء نه ڌير سان پهتي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.