ملير ۾ قبضاگيرن خلاف آپريشن، پوليس مٿان پٿراءُ، 2 اهلڪار زخمي

ملير (رپورٽ: جميل چانڊيو) ملير ڊولپمنٽ اٿارٽي پاران تيسر ٽائون سيڪٽر11  ۾ الاٽيز جي پلاٽن تي قبضو ڪندڙ قبضا گيرن خلاف ٽئين ڏينهن به آپريشن جاري رهيو، ايم ڊي اي عملدارن، ضلعي انتظاميا ۽ اينٽي انڪروچمنٽ پوليس جي سيڪٽر11 مان قبضا خالي ڪرائڻ ڪاروائي ڪئي وئي، ان موقعي تي مڇريل ماڻهن پاران ايم ڊي اي عملي ۽ پوليس مٿان پٿراءُ ڪيو، ان موقعي تي ڪافي وقت علائقي ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال رهي، پوليس پاران مڇريل ماڻهن کي منتشر ڪرڻ لاءِ شيلنگ ڪئي وئي، جڏهن ته چڪرين دوران ڊي ايس پي سلطان سميت 2 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا، مڇريل ماڻهن پاران آپريشن خلاف ناردرن باءِ پاس تي احتجاج ڪري ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ايم ڊي اي انتظاميا ۽ انڪروچمنٽ پوليس حالتون خراب ڏسندي آپريشن اڌ ۾ ڇڏي واپس روانا ٿي ويا، ان سلسلي ۾ ڊائريڪٽر جنرل ايم ڊي اي سهيل خان صحافين ٻڌايو ته سنڌ حڪومت پاران سرڪاري زمينن تان قبضا ختم ڪرائڻ واري فيصلي بعد ملير ڊولپمنٽ اٿارٽي جي زمينن تي ٿيل قبضن کي ختم ڪرڻ لاءِ شروع ڪيل آپريشن جي سلسلي ۾ تيسر ٽائون جي علائقي ۾ گذريل ٽن ڏينهن کان آپريشن جاري آهي اڄ سيڪٽر11 مان قبضا مافيا پاران ڪيل قبضن کي ڇڏائڻ لاءِ ضلعي انتظاميا ۽ اينٽي انڪروچمنٽ سان گڏ ڪاروائي شروع ڪئي وئي ته قبضا مافيا پاران ايم ڊي اي، ضلعي انتظاميا ۽ اينٽي انڪروچمنٽ پوليس مٿان حملو ڪيو،جنهن ۾ هڪ ڊي ايس پي ۽ ٻه پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا آهن، سهيل خان چيو ته تيسر ٽائون سميت ايم ڊي اي جي سرڪاري زمين تان هر صورت ۾ قبضا ختم ڪرايا ويندا ۽ قبضا گيرن خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.