خيرپور عدالت پاران ٻن ٻارن کي آزاد ڪرائڻ جو حڪم

خيرپور (  س ر) خيرپور جي عدالت مبينيٰ باندي بڻائيل ٻن ٻارڙن کي بازياب ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو، اي سيڪشن ٿاڻي جي  ٿاڻيدار کي ليٽر جاري. تفصيل مطابق خيرپور جي سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج الطاف حسين دايو جي عدالت منشي محلا خيرپور جي رهواسڻ مسمات فرحانه ڌيءَ محمد رمضان ميراڻي جي طرفان داخل ڪرائيل درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي اي سيڪشن ٿاڻي جي ٿاڻيدار کي ليٽر جاري ڪندي حڪم ڏنو آهي ته منشي محلا خيرپور جي بااثر مسمات نظير بيگم ميراڻي ۽ اوستاگاهي محلي جي رهواسي عمران علي ميمڻ وٽ مبينيٰ باندي بڻائيل ڇهن ورهين جي فائزا بتول ۽ چئن ورهين جي راحيل عباس کي بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪرايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.