کنڀي گم ڪيل دوست علي ڀٽيءَ جي آزاديءَ لاءِ کپري ۾احتجاج

کپرو (ن ع آ)کپري جسقم جو قومي ڪارڪن دوست علي ڀٽي کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف جسقم جي ڪارڪنن ۽ وارثن اڪبر مري , آزاد ڪنڀر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن جو ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي کپرو شھيد چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ان موقعي تي ڪارڪنن چيو ته حيدرآباد جي قاسم آباد مان 4 ڏينهن اڳ۾ کنڀي گم ٿي ويل پرڻيل دوست علي ڀٽي اڃا تائين هٿ نه اچي سگهيو وارث سخت پريشان آھن گهر ۾ روڄ راڙو آھي ٻار پيء کي ڏاڍو ياد ڪن ٿا پوليس کي خبر هئڻ باوجود دوست علي ڀٽي آزاد ناهي ٿي سگهيو قاسم آباد ٿاڻي تي فورن خلاف اين سي داخل هئڻ باوجود ڪوبه تدارڪ ناهي ٿي سگهيو ۽ ئي پوليس جوابدار گرفتار ڪري سگهي پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو سنڌ ھا ء ڪورٽ , وزيراعلي ا سنڌ ۽ آء جي سنڌ کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آھي ته کنڀي گم ٿيل نوجوان کي آزاد ڪراي وڃي نه ته پوري سنڌ ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪرڻ تي مجبورٿي وينداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.