ملڪي پوليس ايس ٽي پي ڪارڪن کي گم ڪري ڇڏيو، ٺٽي ۾احتجاج

ٺٽو(ڊ ر) مڪلي پوليس پاران کنڀي گم ڪيل سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ڪارڪن قطب جوکيو کي ظاھر نہ ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاھرو، زوردار نعريبازي. سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سڏ تي سياسي، سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ نوجوان جي وارثن بشير جوکيو، مدد ميرجت، صادق لاکو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب ٺٽو اڳيان احتجاجي ڪيو ويو، مظارين جي ھٿن ۾ بينر، پلي ڪارڊ ۽ پارٽي جھنڊا کنيل ھئا، جيڪي پوليس خلاف زوردار نعريبازي ڪري رھيا ھئا. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو تہ پوليس مسلسل بنا ڪنھن جواز جي پارٽي جي ڪارڪنن کي تنگ ڪري ڪوڙا ڪيس داخل ڪري حراسان ڪري رھي آھي، قطب جوکيو سياسي ڪارڪن سان گڏ ھڪ مزدور آھي جنھن کي ھر دفعي ذھني ٽارچر ڪرڻ سان گڏ ڪوڙا کيس داخل ڪيا وڃن ٿا. ھنن چيو تہ مڪلي ٿاڻي جو منشي ذاتي دشمني تي لھي آيو آھي جيڪو سندن حدن ۾ ڪھڙو بہ ڏوھ ٿئي ٿو ان کي تنگ ڪيو وڃي ٿو، ايس ايس پي ٺٽو شفاف جانچ ڪري انصاف ڪري ۽ قطب جوکيو کي ظاھر ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.