اڏيري لال ۾ باهه مختلف برادرين جا 15 گهر سڙي رک

اڏيرولال (رپورٽ: سڪندر ساهووال) اڏيرولال اسٽيشن لڳ ڳوٺ مير خان کوکر ۾ اوچتو گهرن باهه لڳي وئي. باهه لڳڻ سبب گرگلا، باگڙي ۽ کوکر برادري جا 15 مڪمل طور گهر سڙي رک ٿي ويا آهن، گهرن ۾ پيل الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو آهي. باهه متاثرن مٺو، جاڙو، امر لال، حڪيم کوکر، واحد بخش کوکر، قربان علي کوکر ۽ ٻين ٻڌايو اوچتو گهرن کي باهه لڳي وئي آهي، هنن چيو ته هنن بروقت فائر بريگيڊ مٽياري کي اطلاع ڪيو، فائر بريگيڊ گاڏي جي دير سان پهچڻ سبب لڳ ڀڳ 10 گهر ۽ انهن ۾ پيل سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو آهي. هنن وڌيڪ چيو ته گهرن ۾ پيل روڪ رقم، نياڻين جو ڏاج، کاڌي پتي جون شيون، موٽرسائيڪل، هڪ پاڏو، اناج، هنڌ بسترن سميت ٻيون ضروري شيون سڙي رک ٿي ويون آهن. هنن ٻڌايو ته ٽائون ڪميٽي اڏيرولال ۾ فائر برگيڊ گاڏي نه هجڻ سبب اسان جهڙا ڪيترائي ماڻهو باهه سبب متاثر ٿين ٿا. هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي ٽائون ڪميٽي اڏيرولال اسٽيشن ۾ فائر بريگيڊ گاڏي مهيا ڪري اسان جي نقصان جو ازالو ڪيو وڃي. هنن چيو ته اهڙي مهانگائي واري دور ۾ اسان اڳ ۾ ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آهيون مٿان وري گهرن کي باهه لڳڻ سبب الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو آهي. واقعي واري هنڌ ڊي ايس پي کيبراڻي آغا عبدالمجيد پٺاڻ ۽ اڏيرولال اسٽيشن ٿاڻي جي پوليس به پهتي. هوڏانهن سياسي سماجي ۽ پ پ تعلقي مٽياري جو اڳواڻ عزت علي برهماڻي باهه متاثرن وٽ پهچي کين هر مالي مدد سهڪار جي خاطري ڪرائي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.