سڪرنڊ لڳ بجلي جي شارٽ سرڪٽ مان باهه، 9 گهر سڙي خاڪ

سڪرنڊ (ن ع آ)  سڪرنڊ ڀرسان ڳوٺ صابوراھو اسٽاپ وٽ بجليءَ جي شارٽ سرڪٽ سبب باھ لڳڻ ڪري خاصخيلي ۽ باگڙي برادري  جي ماڻهن جي 9 ڪکاون گھرن کي باھ لڳڻ ڪري گھرن ۾ پيل الھ تلھ سڙي رک ٿي ويو جڏهن ته ڳوٺاڻن گھرن مان نڪري جان بچائي, ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه تي ضابطو آندو, جڏھن ته فائربرگيڊ عملي کي اطلاع ڏيڻ باوجود به عملو نه پھتو ,ٻئي پاسي باھ متاثرين ارباب علي ,گل گلشير علي شير خاصخيلي ۽ تلسي, موڪي, ڇٽيه لکڻو ۽ ٻيا شامل آهن متاثرين پاران وس وارن کان مدد جي اپيل ڪئي آهي متاثر کلي آسمان هيٺ ويٺل آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.