لسوا جي نئين چونڊيل باڊي مسئلن جي حل لاءِ جاکوڙي رهي آهي: يونيورسٽيز ايمپلائيز فيڊريشن

آل سنڌ يونيورسٽيز ايمپلائيز فيڊريشن جي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته لمس ملازمن  جي تنظيم لسوا جي نئين چونڊيل باڊي مسئلن جي حل لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي، جنهن ۾ لسوا جي هارايل گروپ جا اڳواڻ رنڊڪون وجهي رهيا آهن.

لسوا جي چونڊيل عھديدارن ۽ ھارايل گروپن جي اڳواڻن وچ ۾ ڇڪتاڻ کانپوءِ آل سنڌ يونيورسٽيز ايمپلائيز فيڊريشن جي عھديدارن ذوالفقار علي رستماڻي، غلام شبير بلوچ ۽ اڳوڻي چيئرمين محمد علي گهانگهرو يونيورسٽي ۾ لسوا آفيس پهچي پريس ڪانفرنس ڪئي.

اڳواڻن جو چوڻ هو ته چونڊيل باڊي مسئلن جي حل لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي جنهن ۾ هارايل گروپ جا ڪجهه اڳواڻ رنڊڪون پيا وجهن.

سندن چوڻ هو ته هارايل گروپ جي سڪندر جوڻيجو، سرفراز ميمڻ، مشتاق ڀلائي ۽ ٻيا تنظيمي اصولن جي ڀڃڪڙي رهيا آهن.

سندن وڌيڪ چوڻ ته ڀڃڪڙي تي هارايل گروپ جي اڳواڻن جي ميمبرشپ عارضي طور معطل ڪئي وئي آهي، جيڪڏهن ڀڃڪڙي جو سلسلو جاري رهيو ته ميمبرشپ تاحيات معطل ڪئي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.