اسلام ڪوٽ ۾ ٽيڪسي ڊرائيورن جو تيل اگهن ۾ واڌ خلاف هڙتال، ڌرڻو

اسلام ڪوٽ ۾ ٽيڪسي ڊرائيورن پاران تيل اگهن ۾ واڌ خلاف هڙتال ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

ڊرائيورن ٽيڪسي ڊرائيور ايسوسيئشن جي سڏ تي گاڏيون هلائڻ کان بائيڪاٽ ڪري بشير، ساهڙ بجير، سبحان خاصيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ باءِ پاس روڊ تي رينجرز چيڪ پوسٽ وٽ ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته تيل اگهن ۾ واڌ کانپوءِ مهانگي جي ڪري سواري مڪمل طور بند ٿي وئي آهي.

سندن چوڻ هو ته سواريون بند ٿيڻ ڪري ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن، اتحادي حڪومت فوري طور تيل جا اگهه گھٽائي غريب ماڻهن کي جيئڻ جو حق ڏئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.