سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ايس يو پي جي مرڪزي سڏ تي تيل اگهن ۾ واڌ، مهانگائي ۽ پاڻي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.
ڄامشوري ۾ ڪارڪنن حافظ بخش سيهڙو، پير بخش سهارڻ، نثار لاکير ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي شهر جي مک چوڪ تي ڌرڻو هنيو، جنهن ۾ سياسي سماجي اڳواڻن، ڪارڪنن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
ڀان سيد آباد ۾ ڪارڪنن روشن علي ٻرڙي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٻرڙا هائوس کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي نعريبازي ڪئي.
ڪوٽڙي ۾ ڪارڪنن جي ايم خاصخيلي، اقبال جوڻيجو، شمشاد ميڻو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.
ميهڙ ۾ ڪارڪنن سڪندر سوڍر، شبير منگي، حبيب حضوري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.
ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ تيل اگهن ۾ واڌ سان مهانگائي چوٽ چڙهي وئي آهي پورهيت طبقو ٻن ويلن جي ماني کائڻ لاءِ پريشان آهي.
سندن چوڻ هو ته سنڌ ۾ پاڻي جي به هٿرادو کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي، پ پ سان لاڳاپيل وڏيرن، سردارن ۽ ڀوتارن جون زمينون آباد ٿي رهيون آهن پر آبادگارن کي پاڻي نه ڏئي معاشي قتلام ڪيو پيو وڃي.
اڳواڻن مطالبو ڪندي چيو ته فوري طور تيل اگهن ۾ لاٿ ڪري مهانگي تي ڪنٽرول ڪيو وڃي، جڏهن ته پاڻي جي هٿرادو کوٽ ختم ڪري آبادگارن کي معاشي تباهي کان بچايو وڃي.