جيڪب آباد جي سول اسپتال ۾ آپريشن ٿيٽر کي باهه، سمورو سامان سڙي ويو

جيڪب آباد جي سول اسپتال ۾ آپريشن ٿيٽر کي باهه لڳڻ ڪري سمورو سامان سڙي ويو.

سول اسپتال جي آپريشن ٿيٽر ۾ بجلي جي شارٽ سرٽڪ مان اوچتو باهه لڳي وئي.

باهه لڳڻ سبب او ٽي ۾ لڳل اي سيون، بيڊ، آپريشن جا اوزار ۽ ٻيو سمورو سامان سڙي خاڪ ٿي ويو.

اطلاع تي فائر برگيڊ عملي پهچي او ٽي ۾ لڳل باهه تي ضابطو آڻي ٻين وارڊن کي سڙڻ کان بچائي ورتو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.