امپورٽڊ حڪومت استعيفيٰ ڏئي قوم کان معافي وٺي: حليم عادل شيخ

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ چيو آهي ته حڪومت عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، پيٽرول، بجلي، گيهه کانپوءِ هاڻي وري گئس مهانگي ڪري عوام تي بم اڇلايو ويو آهي، گئس جي اگهن ۾ واڌ کي مڪمل رد ڪريون ٿا.

پنهنجي بيان ۾ حليم عادل شيخ چيو جيڪي صنعتون ڪيترن ئي سالن کان بند پيل هيون، پي ٽي آءِ جي حڪومت اهي بحال ڪيون هيون ۽ هاڻي ٻيهر امپورٽڊ حڪومت بند ڪرائي رهي آهي.

هن چيو ته امپورٽڊ حڪومت پنهنجي آقائن جي هدايتن تي عوام کي مهانگائي جي ڌٻڻ ۾ ڦاسائي رهي آهي، امپورٽڊ حڪومت ۾ شامل سمورين پارٽين پنهنجي ڪرپشن جا ڪيس ختم ڪرڻ لاءِ ۽ ايندڙ چونڊن ۾ گهربل نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ چونڊ سڌارن جي نالي تي ترميمون ڪري عوام جي امنگن تي ڌاڙو هنيو آهي، ثابت ٿي ويو ته امپورٽڊ حڪومت هڪ سازش تحت آئي.

سندس چوڻ هو ته امپورٽڊ حڪومت کي فوري طور استعيفيٰ ڏئي قوم کان معافي وٺڻ گهرجي، فوري چونڊون ئي ملڪ کي موجوده نازڪ صورتحال مان ڪڍي سگهن ٿيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.