عمران خان هاڻي اسلام آباد اچي ڏيکاري: راڻا ثناءُ الله جو چئلينج

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته اهي لانگ مارچ نه ڪري سگهندا، عمران خان کي چئلينج ٿو ڪيان ته ٻيهر مارچ اسلام آباد آڻي.

خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته لانگ مارچ جي ڪهاڻي هاڻي ختم ٿي وئي، ان سان ڪهڙيون ڳالهيون ڪيون، جيڪو روز اسان کي گهٽ وڌ ٿو ڳالهائي، هو سياستدان ته آهي ئي نه، ملڪ ۾ ڏڦيڙ چاهي ٿو، ڇا عمران خان ڪا سياسي ڳالهه ڪندو آهي؟

هن چيو ته هڪ ماڻهو روز اسان لاءِ چوندو آهي ته جيستائين جيئرو آهيان انهن کي نه ڇڏيندس، روز چوندو آهي ته هو اسان کي تسليم نه ڪندو، ڇا اسان کيس پيرين پئون ته تسيلم ڪر؟

سندس چوڻ هو ته ڪو به معاملو هجي، ان ۾ تقريبن سڀني ايجنسين جي ان پٽ ورتي ويندي آهي، سڀني ايجنسين جي ان پٽ اڳ به ورتي ويندي هئي، پريڪٽس ته اڳ به اها ئي هئي، جيتريون رپورٽون سياستدانن جون ٺهنديون آهن، منهنجي خيال ۾ ٻئي ڪنهن جون نه ٺهنديون هونديون، اسان جي قيادت سدائين آزاد فيصلا ڪيا.

اپوزيشن ليڊر بابت راڻا ثناءُ الله چيو ته راجا رياض ۾ ڪهڙي خامي آهي؟ ڇا هو ايم اين اي ناهي چونڊيو؟ راجا رياض انهن ماڻهن کان سئو ڀيرا بهتر آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.