صحت: دل جو دورو نه، دل ٽٽڻ هڪ الڳ بيماري آهي!

دل ٽٽڻ هڪ باقاعده بيماري آهي جنهن کي تاڪت سوبو ڪارڊيومايوپيٿي سنڊروم چيو وڃي ٿو.

هي دل جي اهڙي عارضي حالت آهي جيڪا انتهائي جذباتي يا جسماني دٻاءَ جي نتيجي ۾ ٿي سگهي ٿي.

هن حالت بابت پهريون 1990 ۾ جاپان ۾ ٻڌايو ويو هو ۽ تاڪت سوبو جو لفظ هڪ ٿانو جي نالي مان ورتو ويو هو.

هي بيماري تڏهن ٿئي ٿي جڏهن اوهان جي دل جو کاٻو خانو شڪل تبديل ڪري وڏو ٿي وڃي ٿو ۽ دل ڪمزور ٿي وڃي ٿي جنهن سان رت پمپ ڪرڻ واري صلاحيت متاثر ٿئيٿي.

محققن موجب دل ٽٽڻ وارو مرض مردن جي ڀيٽ ۾ عورتن کي وڌيڪ متاثر ڪري ٿو.

انهن حالتن ۾ محبوب جي جدائي، ڪو حادثو، قدرتي آفت جيئن زلزلو اچڻ يا اوچتي بيماري شامل آهن.

سائنسدانن موجب تڪليف ۽ دٻاءُ هارمونز يا ايڊريانالين کي وڌائين ٿا جنهن سان دل کي ڇرڪ اچي ٿو نتيجي ۾ اها بيماري ٿئي ٿي يا ايندڙ ڏينهن ۾ نتيجو نڪري ٿو.

ماهرن موجب تاڪت سوبو ڪارڊيومايوپيٿي جون علامتون دل جي دوري سان بلڪل هڪ جهڙائي نٿيون رکن ماڻهو اهو سمجهي ويهندا آهن ته هو تاڪت سوبو ڪارڊيومايوپيٿي جو شڪار ناهن پر کين دل جو دورو پيو آهي.

تاڪت سوبو ڪارڊيومايوپيٿي عام طور تي عارضي حالت هوندي آهي ۽ ڪجهه هفتن ۾ حالتون معمول تي اچي وينديون آهن.

ڊاڪٽر مريضن کي ان وقت تائين اسپتال ۾ رکڻ کي ترجيح ڏئي سگهن ٿا جيستائين هو صحتياب نه ٿي وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.