بُري خبر! بجلي لوڊشيڊنگ کان تنگ ڪراچي  واسين جون ڏکيائيون گهٽجڻ بدران وڌي ويون

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) بجلي جي لوڊشيڊنگ سبب تڪليف ۾ ورتل ڪراچي واسين جون ڏکيائيون گهٽجڻ بدران وڌي ويون.

ڪراچي جي عوام لاءِ بُري خبر آهي ته ڪي اليڪٽرڪ ۽ ايس ايس جي سي وچ ۾ ڳالهين جو پهريون مرحلو ناڪام ٿي ويو آهي.

پهرئين مرحلي ۾ ڊيڊ لاڪ برقرار هجڻ سبب هاڻ ڪي اليڪٽرڪ کي ايس ايس جي سي طرفان گئس جي فراهمي به گهٽ ڪئي وئي آهي.

گئس جي فراهمي گهٽ ٿيڻ سان بجلي جي لوڊشيڊنگ کان تنگ شهرين جون ڏکيائيون وڌي ويون ۽ هاڻ شهري وڌيڪ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ کي منهن ڏيندا.

واضح رهي ته ڪي اليڪٽرڪ طرفان ايس ايس جي سي کي اربين رپين جو رهتون ادا ڪرڻيون آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.