يادداشت تيز ڪرڻ وارو گل !

هر عمر ۾ يادداشت گهٽجڻ جي شڪايت ٿي سگهي ٿي ۽ ان جا مختلف ڪارڻ هوندا آهن جن ۾ ذهبي دٻاءُ سڀ کان اهم آهي.

يادداشت کي بهتر بڻائڻ لاءِ مختلف دوائن جو استعمال ۽ دماغي مشقون ڪرايون وينديون آهن پر انهن ۾ به وقت لڳي ويندو آهي.

هاڻي سائنسدانن اج جو سولو ۽ تڪڙو حل ڪڍندي سٺا نتيجا حاصل ڪري ورتا آهن.

سائنسدانن جو چوڻ آهي ته روزميري گل جي خوشبو اوهان جي يادداشت کي تيز بڻائي سگهي ٿي.

اهو ڄاڻڻ لاءِ ماهرن تحقيق ڪئي جنهن ۾ 66 ماڻهن کي شامل ڪيو ويو.

هڪ ڪمري ۾ روز ميري جي تيل جي خوشبو ڇڏي وئي جڏهن ته ٻئي ڪمري کي بنا خوشبو جي ڇڏيو ويو.

ٻنهي ڪمرن ۾ ماڻهن کي اڌ اڌ ڪري موڪليو ويو ۽ سندن ذهني چڪاس ڪئي وئي.

جنهن ڪمري ۾ روزميري جي تيل جي خوشبوءِ هئي انهن بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو.

ان جو سائنسي سبب اهو آهي جو روزميري ۾ ڪارنوسڪ ايسڊ هوندو آهي جيڪو دماغ کي فري ريڊيڪل جي نقصان کان بچائي ٿو.

روز ميري جي خوشبو ٽيلڪولين جي خرابي کي روڪي ٿي.

ٽيلڪولين اهڙو ڪيميڪل آهي جيڪو يادداشت جو ڪم انجام ڏيندو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.