سيالڪوٽ (ويب ڊيسڪ) فيفا ورلڊ ڪپ 2022 لاءِ آفيشل فٽبال تيار ڪرڻ جو اعزاز پاڪستان ماڻي ورتو آهي.
واضح رهي ته ان کان اڳ به فيفا ورلڊ ڪپ ۾ استعمال ٿيندڙ فٽبال سيالڪوٽ ۾ ئي تيار ڪيو ويو.
فيفا ورلڊ ڪپ 2022 ۾ استعمال ٿيندڙ فٽبال ”الريهلا“ سيالڪوٽ جي هڪ فيڪٽري ۾ تيار ڪيو ويو آهي، جديد ٽيڪنالاجي ذريعي اهو فٽبال وڏي مهارت سان تيار ڪيو ويو آهي.
فيڪٽري جي سي اي او خواجا مسعود اختر موجب ورلڊ ڪپ ۾ استعمال ٿيندڙ فٽبال آٽو ميٽڪ مشينن ۽ جديد ”ٿرمو بانڊڊ“ ٽيڪنالاجي ذريعي ٺاهيو ويو آهي، ان فٽبال ۾ سڀ کان خاص ڳالهه اها آهي ته ان ۾ گهڻي ڀاڱي استعمال ٿيندڙ مٽيريل ريسائيڪلڊ آهي ۽ اهو مٽيريل ماحول دوست به آهي.
هن ٻڌايو ته ريسائيڪلڊ مٽيريل اڄڪلهه جي ماحولياتي تبديلين کي نظر ۾ رکندي استعمال ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اريهلا فٽبال 20 پينلز تي ٻڌل آهي ۽ جڏهن اهو فٽبال استعمال ٿيندو ته ان مان نڪرندڙ گيسز انساني صحت لاءِ نقصانڪار نه هونديون.