پاڪستاني اداڪارا امر خان ۽ ”ديوراج کتري“ نيو يارڪ ۾ گڏجي پيا !

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا امر خان بالي ووڊ فلمن جي مشهور ولن اشيش وديارٿي سان ملاقات ڪئي آهي.

امر خان نيو يارڪ ۾ موجود آهي جتان هن انسٽاگرام تي اشيش وديارٿي سان گڏ هڪ وڊيو شيئر ڪئي.

وڊيو ۾ امر خان مداحن کي ٻڌايو ته هي ڀارتي اداڪار جنهن کي مان ننڍپڻ کان سڃاڻان ٿي، اڄ مون کي نيو يارڪ ۾ مليو.

امر خان اشيش وديارٿي کي چيو ته مون کي توهان جي سمورن ڪردارن جا نالا ياد آهن، اوهان نه رڳو فلمن جا بهترين اداڪار آهيو پر اوهان زبردست ٿيٽر اداڪار به آهيو.

وڊيو جي پڄاڻي تي هن اشيش کي ٻڌايو ته هو به اداڪارا آهي جنهن تي بالي ووڊ فنڪار سندس لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.

ياد رهي ته اداڪار اشيش بالي ووڊ فلم بڇو ۾ ديوراج کتري جو ڪردار ادا ڪيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.