ملڪ ۾ سون مهانگو ٿيڻ جو سلسلو جاري

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ اڄ به واڌ ٿي آهي.

سنڌ سونارا بازار ايسوسيئيشن موجب في تولي سون جي قيمت ۾ 100 رپيا واڌ ٿي، جنهن کانپوءِ ان جي قيمت هڪ لک 39 هزار 200 رپيا ٿي وئي آهي.

اهڙي ريت 10 گرام سون 86 رپيا چڙهڻ کانپوءِ هڪ لک 19 هزار 342 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 16 ڊالر گهٽجي 1851 ڊالر في اونس آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.