شڪيرا به محبت ۾ دوکو کائي وئي !

ڪولمبيا (ويب ڊيسڪ) ڪولمبيا سان واسطو رکندڙ ڳائڻي شڪيرا کي بارسلونا جي فٽبالر جيرارڊ پيڪ دوکو ڏئي ڇڏيو.

پاپ ڳائڻي شڪيرا ۽ فٽبالر جيرارڊ پيڪ وچ ۾ محبت جي ڪهاڻي مان سڀ متاثر ٿيا هئا پر هاڻي اهي خبرون آهن ته ٻئي جلد ڌار ٿيڻ وارا آهن.

رپورٽ موجب شڪيرا کي خبر پئي آهي ته فٽبالر ساڻس دوکو ڪيو آهي ۽ ڪنهن ٻي عورت سان سندس ويجها لاڳاپا آهن.

ٻئي پاسي شڪيرا انسٽاگرام تي جيرارڊ پيڪ سان تصويرون پوسٽ ڪرڻ بند ڪري ڇڏيو آهي.

ياد رهي ته شڪيرا ۽ جيرارڊ پيڪ جا ٻه پٽ آهن جن ۾ ستن ورهين جو ساشا ۽ 8 ورهين جو ميلان شامل آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.