شهرين کي اڻوڻندڙ پيغام بلاڪ ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ تي اتفاق

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪشن اٿارٽي شهرين کي اڻوڻندڙ  پيغامَ بلاڪ ڪرن جي اجازت ڏيڻ واري پاليسي تي اتفاق ڪري ورتو .

پرائم منسٽر اسٽريٽيجڪ ريفارمز جي سربراهه سلمان صوفي پي ٽي اي چيئرمين عامر عظيم باجوا سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ کيس غيرضروري پيغامن جي قانونن جائزو وٺڻ جي هدايت ڪئي وئي. ملاقات ۾ ڪيل هدايتن تي پي ٽي اي مارڪيٽنگ وارن اڻوڻندڙ ايس ايم ايس ۽ شهرين جي رازداري قانونن جو جائزو وٺندي.

سلمان صوفي چيو ته شهرين جي پرائيويسي آئيني حق آهي ۽ وزيراعظم يقيني بڻائڻ چاهي ٿو ته ان جي ڀڃڪڙي نه ٿئي انڪري واهپيدار جي ڊيٽا سندن مرضي کانسواءِ ڪنهن ٻي ڪمپني کي ڏيڻ جي اجازت نه هوندي.

پڌرائي موجب واهپيدار اجازت بنا موصول ٿيندڙ ميسج اماڻيندڙ ڪمپني کي رپورٽ ڪري سگهندو ۽ واهپيدار کي اهو حق حاصل هوندو ته هو پيغام موڪليندڙ ڪمپني کي ميسج موڪلڻ کان منع ڪري سگهي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.