پنجاب ۾ وزيرن جي سرڪاري پيٽرول جي استعمال تي پابندي

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) صوبائي وزير عطا الله تارڙ چيو آهي ته پنجاب ۾ وزيرن جي سرڪاري پيٽرول جي استعمال تي پابندي لڳائي وئي آهي.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عطا تارڙ چيو ته عمران نيازي پنهنجي حڪومتي دور ۾ ملڪ ۽ قوم جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو، هن ٻنهي هٿن سان ملڪ کي لٽيو، عثمان بوزدار جي رهائشگاهه تي عوام جي پئسي کي بيدردي سان خرچ ڪيو ويو.

هن چيو ته اٽي جي سمگلنگ روڪڻ لاءِ پنجاب جي بارڊرز جي سخت نگراني جو فيصلو ڪيو آهي، پنجاب 50 لک ٽن ڪڻڪ وٺڻ جو هدف پورو ڪيو آهي ۽ پنجاب حڪومت ڪڻڪ جي کوٽ جو شڪار صوبن جي مدد ڪندي.

عطا تارڙ ٻڌايو ته پنجاب ۾ وزيرن تي سرڪاري پئسن سان پيٽرول جي استعمال تي پابندي لڳائي وئي آهي، ڪو به وزير سرڪاري پيٽرول نه وٺندو، سمورا وزير ذاتي خرچ تي پيٽرول وجهرائيندا، سرڪاري ڪم لاءِ ويندڙ وزير به ذاتي خرچ تي پيٽرول وجهرائيندا، ان کانسواءِ سي ايم هائوس تي شاهي خرچن تي فوري پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، پنجاب حڪومت بجيٽ ۾ وڏو رليف ڏيندي ۽ مختلف سبسڊيز فراهم ڪيون وينديون.

صوبائي وزير عمران خان کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته عمران نيازي کان وڌيڪ ڊڄڻو ملڪي تاريخ ۾ ناهي آيو، هو اڄ به سرڪاري خرچن تي هلي رهيو آهي، عمران نيازي منرل واٽر به ڪي پي حڪومت جي خرچ سان پيئندو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.