خيبر پختوخواهه جي ٻيلن ۾ 6 هنڌن تي باهه ڀڙڪي پئي، 4 ڄڻا سڙي فوت

 

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي ٻيلن ۾ 6 هنڌن تي باهه ڀڙڪي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ عورت سوڌو 4 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا.

شانگلا ۾ باهه جبلن تي قائم گھرن کي پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو، جڏهن ته علائقي ۾ خشڪ موسم جي ڪري باهه جي پکيڙ ۾ تيزي اچي رهي آهي.

سوات ۾ ڪبل جي علائقي سيگرام، تعلقي بري ڪوٽ جي علائقي ابالا، چارباغ جي علائقي ڪوٽ ۽ پٺاڻي سميت ڀر وارن علائقن جي جابلو حصي ۾ لڳل باهه وسائڻ جون ڪوششون جاري آهن.

ان کانسواءِ لوئر دير جي جبلن جي ٻيلن ۾ به باهه ڀڙڪي پئي آهي، جنهن کي وسائڻ لاءِ انتظاميا، مقامي ماڻهو ۽ پاڪ فوج جا جوان مصروف آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.