ڪينسر ختم ڪرڻ وارو وائرس انسان ۾ داخل ڪيو ويو !

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) ڪينسر کي ختم ڪرڻ لاءِ تيار ڪيل وائرس جي انسانن ۾ آزمائش شروع ڪئي وئي آهي.

سائنسدانن هڪ مريض جي جسم ۾ انجيڪشن ذريعي وائرس داخل ڪري ڇڏيو آهي.

سائنسي رسالي نيشنل ليبارٽري اينڊ ميڊيسن ۾ شايع ٿيل رپورٽ موجب پهرئين مرحلي ۾ وائرس داخل ڪيو ويو جيڪو انسان جي خلين ۾ وڃي اينٽي وائرس جو ڪم ڪري ٿو جتي ڪينسر جا سيلز ٺهي چڪا هوندا آهن.

وائرس کي ماهرن سي ايف ٽيٽيهه ايڇ اين آءِ ايس يا وري ويڪسينا جو نالو ڏنو آهي، هن کي انڪليسٽڪ وائرس سان تيار ڪيو ويو آهي جيڪو ڪينسر کي ختم ڪرڻ جو ڪم ڪري ٿو.

هي وائرس ڪينسر مان متاثر سيلز تي حملو ڪندو آهي جڏهن ته صحتمند خلين تي ڪو اثر ناهي پوندو.

هن آزمائشي مرحلي کانپوءِ وائرس ٻين مريضن کي به ڏنو ويندو، ماهرن کي اميد آهي ته هي ڪارائتو ثابت ٿيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.